10 چمچن کانسواءِ عمران خان جو ڪنھن تي اعتماد ناھي، ملڪ جي قسمت تبديل ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيون: بلاول

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مهانگائي تي وفاقي حڪومت جي خلاف بروقت احتجاج تي زور ڏيندي چيو تهعوام کي پريشاني اڄ آهي ته حڪومت جي خلاف احتجاج لاءِ مارچ جي آخر تائين انتظار ڇو ڪريون وزيراعظم عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بدران وزيرن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽڏئي رهيو آهي جن کان سي پيڪ پروجيڪٽ نه هلي سگهيو ان کي به سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏيو هر دفعي وانگر وزيراعظم عمران خان ملتان سان زيادتي ڪئي پنهنجي پرڏيهي وزير کي ڪاغذ جو هڪ سرٽيفڪيٽ به نه ڏنو جيڪڏهن چين جو دورو ڪامياب هو ته پرڏيهي وزير جو سرٽيفڪيٽ ڪيڏانهن ويو ملڪ ۾ زرعي بحران آهي حڪومت هارين جو معاشي قتل ڪري رهي آهي نالائق حڪمران جو بندوبست ڪرڻ تائين اسان سک سان نٿا ويهي سگهون اسلام آباد پهچي حساب وٺنداسين اسان تي الزام مڙيندڙ پرويز مشرف عدالت مان سرٽيفائيڊ غدار ۽ اڄ ملڪ مان ڀڳل آهي خميس تي لانگ مارچ جي تيارين جي حوالي سان پ پ جي ڏکڻ پنجاب ورڪرز ڪنوينشن کي خطابڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ تي مڙهيل ڪٺپتلي حڪمرانن کان جند ڇڏائيڻي آهي هن چيو ته اسان کي هن ڪٺپتلي نظام جو خاتمو ڪرڻو آهي حڪومتي پاليسين جي ڪري اڄ جو هاري بري طرح پيسجي رهيو اهي هاڻي عوامي مارچ ٿيندو اسلام آباد پهچي حساب وٺنداسين پيپلزپارٽي سليڪٽڊ ۽ نالائق حڪومت جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو آهي اسان کي هي جنگ گڏجي وڙهڻي آهي هن چيوت ها سان کي هن ڪٺپتلي نظام جو خاتمو ڪرڻو آهي پيٽرول ۽ گئس بحران جي خلاف پاڪستان پيپلزپارٽي احتجاج ڪيو پيپلزپارٽي يوريا بحران جي خلاف ٽريڪٽر مارچ ڪيو اڄ هاري جو مسئلو سڀاڻي هر پاڪستاني لاءِ فوڊ سيڪيورٽي جو مسئلو ٿيندو بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ ۾ زرعي بحران آهي حڪومت هارين جو معاشي قتل ڪري رهي آهي جڏهن ته پيپلزپارٽي عوام جي جماعت آهي ۽ اسان عوام سان گڏ بيٺا آهيون اڄ مهانگائي چوٽ تي آهي ته اسان سڀاڻي تائين انتظار ڪيئن ڪري سگهون ٿا هن چيوت ه هن نالائق جو بندوست ڪرڻ تائين اسان سک سان نٿا ويهي سگهون اسان اسلام آباد پهچنداسين ۽ وزيراعظم کان حساب وٺنداسين موجوده حڪومت جي نااهلي کي بي نقابڪنداسين اسان کي حڪومتجي خلاف عدم اعتماد جي مهم هلائڻي اهي پ پ چيئرمين چيو ته هاري جو مسئلو سڀاڻي پاڪستان جي فوڊ سيڪيورٽي جو مسئلو ٿيندو هاڻي به هارين جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي مهانگائي ۽ موجوده حڪومت جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو آهي. اڄ ملڪ ۾ مهانگائي چوٽ تي آهي. بلاول ڀٽو چيو ته اسان 27 فيبروري تي ڪراچي مان نڪري رهيا آهيون اسان کي پاڪستان بچائڻ لا3 جدوجهد ڪرڻي آهي مان ملڪ جي قسمت سنوارڻ ملڪ کي تباهي کان بچائڻ لاءِ نڪري رهيوآهيان اسان عوام کي هن حڪومت جي عذاب کان بچائڻ لاءِ نڪري رهيا آهيون جيڪا عوام جو معاشي قتل ڪري رهي آهي هن چيو ته وزيراعظم عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بدران وزيرن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏئي رهيو هو وزيراعطم اڄ ان وزير کي به تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏيو جنهن پاڪ چين اقتصادي لنگهه کي برباد ڪيو. جن کان سي پيڪ پروجيڪٽ نه هلي سگهيو ان کي به اڄ سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏيو وزيراعظم عمران خان 10 چمچن وزيرن کي سرٽيفڪيٽ ڏئي باقي سڄي ڪابينه تي عدم اعتماد ظاهر ڪري ڇڏيو ڪراچي جو هڪ وزير جنهن کي پهريان هڪ وزارت جي نوڪري مان ڪڍيو ويو ان کي به سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏيو. هو ڪراچي مان چونڊيل پلاننگ وزير اهي جنهن جي پلاننگ سبب ملڪ ۾ ڪائي رٿابندي نظر نٿي اچي هي ڪهڙي ڪارڪردگي آهي جو ملڪ ۾ ڪڻڪ جو بحران کنڊ جو بحران، گئس جو بحران پيٽرول جو بحران يوريا ۽ ڀاڻ جو بحران هي ڪهڙي رٿابندي آهي هي ڪهڙي ڪارڪردگي آهي ڏکڻ پنجاب ورڪرز ڪنوينشن کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سميت اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ اڳوڻي پنجاب جي گورنر مخدوم احمد محمود پڻ خطاب ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *