رولو ڪُتن جي آزار کي روڪڻ لاءِ ڪهڙا اپاءِ ورتا ويا آهن؟: سنڌ هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ رولو ڪتن جي آزار ۽ وئڪسين نه ملڻ واري معاملي تي صوبي اندر سمورن ڪئنٽونمينٽ بورڊز جي اختيارين کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبي اندر رولو ڪتن جي آزار ۽ وئڪسين جي عدم فراهمي واري معاملي تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت ڪراچي پورٽ ٽرسٽ سوڌو سمورن ڪئنٽونمينٽ بورڊز کي نوٽيس جاري ڪيا. عدالت طرفان ڪراچي ڪئنٽونمينٽ بورڊ، ڪلفٽن ڪئنٽونمينٽ بورڊ ۽ فيصل ڪئنٽونمينٽ بورڊ کي به نوٽيسز جاري ڪيا ويا، اُن کانسواءِ حيدرآباد ۽ سکر سوڌو ٻين شهرن ۾ به ڪئنٽونمينٽ بورڊز کي نوٽيسز جاري ڪيا ويا. عدالت سمورن ڪئنٽونمينٽ بورڊز جي اختيارين کي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي پُڇيو آهي ته رولو ڪُتن جي آزار کي روڪڻ لاءِ ڪهڙا اپاءِ ورتا ويا آهن؟

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *