اسلام آباد جي عدالت فردوس عاشق اعواڻ کي توهين عدالت ۾ شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، اڄ طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزيراعظم جي صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ کي توهين عدالت ۾ شوڪاز نوٽيس جاري ڪري سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي. سُڌ سماءَ بابت وزيراعظم جي صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ پريس ڪانفرنس دوران چيو هو ته نواز شريف کي رليف ڏيڻ لاءِ شام جي وقت خصوصي طور عدالت لڳائي وئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عدليه مخالفت ۽ تڪراري بيان ڏيڻ تي فردوس عاشق اعواڻ کي توهين عدالت جو شوڪاز نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت طرفان فردوس عاشق اعواڻ کي سڀاڻي 9 وڳي طلب ڪيو ويو آهي. نوٽيس ۾ فرودس عاشق اعواڻ کي چيو ويو آهي ته عوام جي نظرن ۾ عدليه کي تڪراري بڻائڻ ۽ اُن جو تقدس گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اهڙو عمل توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو. نوٽيس موجب پريس ڪانفرنس دوران فردوس عاشق اعواڻ بيان ڏنو هو ته جيڪڏهن نواز شريف جي ضمانت منظور ڪئي وئي ته اهڙين درخواستن جي طوفان لاءِ هڪ دروازو کُلي ويندو، جيڪي مختلف بيمارين ۾ وڪوڙيل قيدين طرفان داخل ڪرايون وينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *