ڪرتارپور ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي گودواري جي افتتاح جون تياريون جاري، عمران خان پاران نوجوت سنگه سڌو کي به دعوت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرتارپور منصوبي جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت لاءِ نوجوت سنگهه سڌو کي دعوت ڏني، جيڪا هن قبولي ورتي آهي. پاڪستان طرفان ڪرتارپور ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي گودواري جي افتتاح جون تياريون جاري آهن ۽ ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت سرحد پار جي جڳ مشهور ڪردار نوجوت سنگهه سڌو کي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم عمران خان جي خاص هدايت تي سينيٽر فيصل جاويد اڳوڻي ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو سان رابطو ڪري کيس ڪرتارپور منصوبي جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي باقاعدي طور دعوت ڏني. هوڏانهن نوجوت سنگهه پاڪستان طرفان موڪليل دعوت قبول ڪندي چيو آهي ته تاريخي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ تي وزيراعظم عمران خان جو ٿورائتو آهيان، 9 نومبر جي تقريب ۾ شرڪت جي سعادت حاصل ڪندس. هن چيو ته ڪرتارپور جي تعمير ۽ ان جو افتتاح سک مذهب جي ڪروڙين پيروڪارن لاءِ وڏو هاڪاري پيغام آهي، سڄي دنيا جا سک پنهنجي روحاني پيشوا بابا گرونانڪ سان سلهاڙيل هنڌ جي زيارت جا منتظر آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *