اسلام آباد تي ڪا مصيبت ايندي آهي ته حڪمران شهر ڇڏي ڀڄي ويندا آهن:مولابخش چانڊيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جڏهن به اسلام آباد تي ڪا مصيبت ايندي آهي ته حڪمران شهر ڇڏي ڀڄي ويندا آهن. اطلاعات بابت وڏي وزير جي صلاحڪار مولابخش چانڊئي چيو آهي ته جڏهن به اسلام آباد تي ڪا مصيبت ايندي آهي ته حڪمران شهر ڇڏي ڀڄي ويندا آهن، هو وفاق کي ڪمزور نه پر مضبوط ڪرڻ وارن مان آهن. ڪراچي ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي مولا بخش چانڊئي چيو ته اسلام آباد ۾ بي چيني پکيڙڻ دنيا ۾ ملڪ خلاف افواهه ڦهلائڻ جي برابر آهي. هن چيو ته گادي واري شهر ۾ ڏڦيڙ پکيڙندڙن خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. صوبائي صلاحڪار چيو ته احتساب جو نشانو رڳو سنڌ کي ڇو پيو بڻايو وڃي؟ ٻين صوبن ۾ به ڪاررايون ٿيڻ گهرجن. مولابخش چانڊئي چيو ته جڏهن کان پ پ ٺهي آهي، تڏهن کان هيل تائين ان جو احتساب ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته نيب جي ڪردار کي شڪي بڻائيندڙن جو ميڊيا احتساب ڪري هو وفاق کي ڪمزور ڪرڻ نه پر مضبوط ڪرڻ جي خواهش رکن ٿا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *