اسان پرامن ماڻهو آهيون اسان جي ڌرڻي جي ڪنهن سان ڀيٽ نه ڪئي وڃي: عمران خان

ايبٽ آباد (اين اين آءِ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اسڪولن جي اڏاوت لاءِ 15 ارب ڊالر بيروني امداد آئي اها ڪيڏانهن ويئي انڪوائري ٿيڻ گهرجي عمران خان ابيٽ آباد ۾ اسڪول جو پيڙهه جو پٿر رکڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 11 سالن ۾ صرف 700 اسڪولن تي ڪم شروع ٿيو جڏهن ته 600 اسڪولن تي اڄ تائين ڪم شروع ناهي ٿي سگهيو سڀني کي معلوم هئڻ گهرجي ته تعليم سان ڇا ٿي رهيو آهي ڪي پي ڪي حڪومت سڀ کان وڌيڪ پئسو تعليم تي لڳايو آهي هن چيو ته صوبي جي پوليس کي مڪمل غير سياسي بنائينداسين پنجاب ۾ پوليس غير سياسي نه آهي ڪي پي ڪي حڪومت جلد پوليس ايڪٽ منظور ڪرڻ واري آهي عمران خان چيو ته اسان پرامن ماڻهو آهيون اسان جي ڌرڻي جي ڪنهن ٻئي سان ڀيٽ نه ڪئي وڇي اسان ته هڪ ٻوٽو به نه پٽيو هو ان کان پوءِ تحريڪ انصاف جي چيئرمين پاران خيبرپختونخواهه بارڊر تي رينجرس مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *