اسحاق ڊار کي سڀ خبر آهي ته نواز شريف جا پيسا ڪٿي پيل آهن: عمران خان

حافظ آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته جڏهن وزير اعظم پيسا چوري ڪندو آهي ته سمورو نظام ڪرپٽ ٿي ويندو آهي، اسحاق ڊار کي سڀ خبر آهي ته نواز شريف جا پيسا ڪٿي پيل آهن. حافظ آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته جڏهن وزير اعظم پيسا چوري ڪندو آهي ته هيٺ تائين سمورو نظام ڪرپٽ ٿي ويندو آهي. بيروزگاري ۽ مهانگائي جو وڏو سبب ڪرپشن آهي، روڊ ٽٽا پيا آهن ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي به ناهي. نواز چيو ته هو هڪ نظرئي جو نالو آهي، نواز شريف جو اهو نظريو ڪرپشن آهي. نواز شريف کي ان ڪري ڪڍيو ويو جو هن ملڪ جا جا 3 سئو ارب رپيا ٻاهر موڪليا، پاڪستان جو وزير دبئي ۾ نڪري ڪري ته نواز شريف کيس نٿو روڪي سگهي، نواز شريف هن کي ان ڪري نه روڪي سگهندو ڇو ته هو پاڻ نوڪري ڪري رهيو هو. پاڪستانيون! توهان جا 3 سئو ارب رپيا چوري ٿي ٻاهر ويا، بدقدسمتي آهي ته هتي نواز شريف ۽ زرداري جهڙا ماڻهو اقتدار ۾ آيا. هن وڌيڪ چيو ته شاهد خاقان عباسي ۾ ايتري همت آهي جو هو اسحاق ڊار کي ڪڍي. اسحاق کي سڀ خبر آهي ته نواز شريف جا پيسا ڪٿي پيل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *