ڊار علاج لاءِ لنڊن ۾ آهي، ضامن اسحاق ڊار کي پيش لاءِ ٽن هفتن جي مهلت گهري ورتي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي ضامن احمد علي قدوسي کيس احتساب عدالت جي آڏو پيش ڪرڻ لاءِ ٽن هفتن جو وقت گهريو آهي. تفصيل موجب احتساب عدالت ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار خلاف آمدن کان وڌيڪ اثاثا بڻائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. اڳوڻي ناڻي واري وزير طرفان سندس ضامن احمد علي قدوسي عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ شوڪاز نوٽس جو جواب جمع ڪرايو. ضامن جي جواب ۾ اپيل ڪئي وئي ته اسحاق ڊار لنڊن ۾ علاج هيٺ آهي ان ڪري هو عدالت ۾ پيش ناهي ٿي رهيو، عدالت اسحاق ڊار جو 50 لک رپين عيوض زر ضمانت ضبط نه ڪري ۽ اسان کي 3 هفتن جي مهلت ڏني وڃي. عدالت اسحاق ڊار جي 50 لک رپين جي ضمانت ضبط ڪرڻ جي معاملي تي نيب کان دليل طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 29 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *