اسان وٽ طالبان جي نيت تي شڪ ڪرڻ جو ڪو سبب ناھي: ترجمان پاڪ فوج

راولپنڊِ(م.ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو تھ اسان وٽ طالبان جي نيت تي شڪ ڪرڻ جو ڪو سبب ناھي. ھڪ انٽرويو ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ ھو تھ پاڪستان سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ طالبان سان مسلسل رابطي ۾ آھي. ھن جو چوڻ ھو تھ طالبان سان مسلسل رابطي ۾ آھيو تھ جيئن پنھنجي قومي مفاد جو تحفط ڪري سگھون. ڊي جي آءِ ايس پر جو چوڻ ھو تھ طالبان ڪيترن ئي موقعي تي ٻڌايو تھ پاڪستان جي خلاف افغان سرزمين استعمال ڪرڻ نھ ڏينداسين ۽ اسان وٽ ان جي نيت تي شڪ ڪرڻ ڪو سبب ناھي. ميجر جنرل بابر افتخار جو چوڻ ھو تھ بارڊر مينيجمينٽ ۾ مسلسل بھتري آندي پئي وڃي ۽ ويجھي مستقبل ۾ بارڊر کي مڪمل محفوظ بڻايو ويندو. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان بارڊر جي 90 سيڪڙو حصي تي ڄار لڳائڻ جو ڪم مڪمل ڪري ورتو آھي. ھن جو چوڻ ھو تھ ڪيتريون ئي شاھديون موجب آھن تھ ڀارتي ميڊيا ڪوڙيون خبرون مڙھي من گھڙت ڪھاڻيون ٻڌائي رھيو آھي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *