وزيراعظم عمران خان جي چيئرمين رميز راجا کي جارحاڻو انداز اختيار ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)وزيراعظم عمران خان پي سي بي جي چيئرمين رميز راجا کي جارحاڻو انداز اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.پي سي بي ذريعن موجب چيئرمين پي سي بي رميز راجا ايندڙ ڏينهن ۾ سخت فيصلا ڪندو، گورننگ بورڊ جي ايندڙ اجلاس ۾ چيف ايگزيڪٽو کي ڏنل اختيار واپس چيئرمين کي سونپيا ويندا، اڳوڻي چيئرمين احسان ماني گورننگ بورڊ جي منظوري سان چيف ايگزيڪٽو کي اختيار سونپيا هئا.پي سي بي ذريعن موجب چيئرمين پي سي بي جي 65 مان 58 معاملن تي چيف ايگزيڪٽو کي فيصلي سازي جو اختيار ڏنو آهي، قومي ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف، سليڪشن ڪميٽي جي نامزدگي جا اختيار چيف ايگزيڪٽو وٽ آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته قوم ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف، سليڪشن ڪميٽي جي نامزدگي جا اختيار چيف ايگزيڪٽو وٽ آهن.اعليٰ سطح سان رميز راجه کي ڊوميسٽگ ڪرڪيٽ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سخت فيصلا ڪرڻ جا اختيار ڏنا ويا چيئرمين پي سي بي کي ڊوميسٽڪ سطح تي ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ سخت ڪرڻ جا اختيار ڏنا ويا آهن جڏهن ته ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي معاملن ۾ به ردو بدل ڪئي وئي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *