”اسان هڪ ٻي ضمني اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف کي مات ڏني“، ڪراچي کان ڪشمير تائين جيئي ڀٽو بينظير: بلاول

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، آزاد ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي جي سيٽ ايل اي 12 ڪوٽلي پنج تي پيپلزپارٽي جي فتح تي ڪارڪنن کي مبارڪون ڏنيون آهن، سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽيوٽر تي هن ايل اي 12 ڪوٽلي جي چونڊن جي نتيجن جي لسٽ جاري ڪئي ۽ ڪارڪنن کي مبارڪون ڏنيون پ پ چيئرمين پنهنجي ٽوئٽ ۾ لکيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي سمورن ڪارڪنن کي آزاد ڪشمير مان هڪ ٻي فتح تي مبارڪون هن لکيو ته اسان هڪ ٻي ننڍي اليڪشن ۾ پي ٽي آئي کي هارائي ڇڏيو آهي، ڪراچي کان ڪشمير جيئي ڀٽو بينظير، ياد رهي ته آزاد ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي جي سيٽ ايل اي 12 ڪوٽلي پنج تي رٽرننگ آفيسر پيپلزپارٽي جي عامر ياسين کي ڪامياب قرار ڏئي ڇڏيو، بوگس ووٽ وجهڻ جي اطلاعن تي پولنگ اسٽيشن 21 جو نتيجو روڪيو ويو، غير حتمي سرڪاري نتيجن مطابق پيپلزپارٽي جي عامر ياسين 23 هزار 980 ووٽ کنيا جڏهن ته تحريڪ انصاف جي شوڪت فريد 19 هار 101 ووٽ کنيا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *