وفاق جا الزام رد، تحريڪ انصاف حڪومت جي سنڌ جي ڪڻڪ تي نظر آھي:  اسماعيل راھو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ صوبي ۾ ڪڻڪ بحران جي بابت پي ٽي آئي حڪومت جي الزامن کي رد ڪيون ٿا. صوبائي وزير يونيورسٽي ۽ بورڊز محمد اسماعيل راهو ڪڻڪ بحران جي بابت پي ٽي آئي جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آئي حڪومت جي نظر سنڌ جي ڪڻڪ تي آهي، نااهل چاهين ٿا ته اسان انهن کان اها ڪڻڪ خريد ڪيون جيڪا انهن کي مهنگي ٻاهران گهرائڻي پوندي. اسماعيل راهو وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت وٽ صوبي جي ضرورت جي مطابق ڪڻڪ جا ذخيرا موجود آهن، ٻڌايو وڃي ته سنڌ حڪومت جي ڪري پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ اسلام آباد ۾ ڪيئن اٽو مهنگو ٿي ويو اتي ته اسان جي حڪومت ئي نه آهي، هن چيو ته اهي وفاقي وزير هر وقت ڪوڙ ڳالهائيندا آهن ۽ انگ اکر ڪوڙا ٻڌائيندا رهندا آهن، پي ٽي آئي حڪومت پنهنجي ملڪ جي ڪڻڪ ٻاهران کان ايڪسپورٽ ڪري خراب ڪڻڪ درآمد ڪري پنجاب جي عوام کي کارائي رهي آهي. اسماعيل راهو چيو ته هن درآمد ٿيل خراب ڪڻڪ تي اربن روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن پنجاب وٽ ڪڻڪ جي ذخيرا موجود آهن ته پوءِ ڪڻڪ درآمد ڇو ڪئي پئي وڃي، عمران خان حڪومت پينڊورا ليڪس ۾ملوث وزيرن کي بچائڻ لاءِ قوم جو ڌيان هٽائڻ چاهي ٿي. صوبائي وزير جو چوڻ اٽو مهنگو سنڌ ۾ ناهي بلڪي پنجاب ۾ آهي، پنجاب حڪومت هاڻي تائين اٽو فلورمل کي رليز ئي ناهي ڪيو. اسماعيل راهو پي ٽي آئي حڪومت کان سوال ڪيو ته ڇا ملڪ ۾ مهانگائي جي ذميوار پڻ سنڌ حڪومت آهي، پهريون لک ٽن ڪڻڪ افغانستان اسمگل ڪرائي پي ٽي آئي حڪومت مال ٺاهيو هاڻي ٻيهر مهنگي خراب ڪڻڪ امپورٽ ڪري مال ٺاهيو پيو وڃي، قوم جي پيسن تي ڌاڙو وڌو پيو وڃي. هن چيو ته بين الاقوامي مارڪيٽ کان مهنگي کنڊ ۽ ايل اين جي خريد ڪري ڪرپشن ڪنهن ڪئي، هاڻي پي ٽي آئي حڪومت ڪڻڪ خريداري جا ٽينڊر جاري ڪيا آهن، ڏسڻو اهو آهي ته ڪڻڪ جي هن خريداري ۾ ڪيترا ارب روپين جي ڏهاڙي لڳائي ويندي آهي.   

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *