اسان جو مقابلو اسٽيبلشمينٽ نه پر عالمي سامراج سان آهي, ميدان ۾ لٿاسين ته حڪمران ڀڄي ويندا: مولانا فضل الرحمان

چمن: (م.ڊ) جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان ڪنهن کان به وفاداري جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ نٿا چاهيون. جي يو آءِ(ف) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان علماءُ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته حڪمرانن معاشي حوالي سان ملڪ کي ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسان حڪمرانن جي خلاف جنگ وڙهي رهيا آهيون. هي ملڪ اسان جو آهي ۽ اسان ئي ان جو دفاع ڪنداسين.  حڪومت کي تنقيد جو نشانو بنائيندي هن چيو ته ملڪ کي ڪمزور ڪيو ويو آهي ۽ اسان ڪنهن کان به وفاداري جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ نٿا چاهيون. پاڪستان کي غلامي طرف ڌڪيو پيو وڃي. مولانا فضل الرحمان چيو ته اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ هنن هڪ ڪروڙ نوڪرين جو واعدو ڪيو هو جڏهن ته 74 سالن دوران نوڪرين جو ٽوٽل انگ هڪ ڪروڙ تائين ناهي پهتو. مولانا فضل الرحمان چيو ته هن ناڪام حڪومت جي هوندي هتي سرمائيڪاري ڪير ڪندو؟ هي عوامي نمائندا ناهن، ان لاءِ دنيا هنن سان تعاون نه پئي ڪري. 70 سال پراڻي چيني دوست کي به لت هنئي وئي ۽ اسٽيٽ بئنڪ به عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) جي ڪنٽرول ۾ هليو ويو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *