پ پ ڪراچي پاران 5 فيبروري تي ڪشميري ڀائرن سان اظھار يڪجهتي طور ريگل چوڪ تي احتجاج جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير ۽ پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني چيو آهي ته پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن 5 فيبروري تي ڪشميري ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ريگل چوڪ تي احتجاج ڪندي. پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن 27 فيبروري تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي لانگ مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪندي ۽ هزارين ماڻهو چيئرمين بلاول ڀٽو سان گڏ اسلام آباد تائين مارچ ۾ شريڪ ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پ پ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، ڪراچي ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري جاويد ناگوري، شهلا رضا، شاهده رحماني، مرزا مقبول، سردار خان، ذوالفقار قائمخاني، امان الله محسود، آصف خان، شڪيل چوڌري، سمورن ضلعن جي صدرن، جنرل سيڪريٽرين، اطلاعات سيڪريٽرين، پيپلز يوٿ، ، پيپلز اسٽوڊنٽس، پيپلز ليبر بيورو، پيپلز لائرز فورم، وومين ونگ سميت سمورن ونگ جي صدرن، جنرل سيڪريٽري، پي ايس جي صدرن ۽ ٻين عهديدارن شرڪت ڪئي. سعيد غني چيو ته پيپلزپارٽي پاران ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ 5 فيبروري ڇنڇر ڏهاڙي 2 وڳي ريگل چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي. سعيد غني چيو ته پيپلز پارٽي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺي آهي. هن چيو ته ڪشمير اسان جي جان آهي ۽ ڪشمير جي آزادي پيپلز پارٽي جي منشور جو اهم حصو آهي. سعيد غني چيو ته 27 فيبروري تي ڪراچي مان هزارين ماڻهو چيئرمين بلاول ڀٽو جي لانگ مارچ ۾ شريڪ ٿيندا. ان موقعي تي ڳالهائيندي پ پ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي چيو ته 27 فيبروري تي ڪراچي کان اسلام آباد تائين لانگ مارچ ۾ هزارين ماڻهن جي شرڪت ڪندا ان لاءِ لسٽن جو ڪم مڪمل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ جا ماڻهو لانگ مارچ لاءِ تيار آهن. وقار مهدي چيو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين لانگ مارچ جون تياريون عروج تي آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ لانگ مارچ 27 فيبروري تي مزار قائد کان شروع ٿيندو ۽ ان جو پهريون اسٽاپ حيدرآباد ۾ هوندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي پ پ ڪراچي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري جاويد ناگوري چيو ته ضلعا 27 فيبروري تي پنهنجي لاڳاپيل شهري علائقن جو اجلاس ڪري ايڪشن پلان کي حتمي شڪل ڏين.هن چيو ته سمورا ضلعا 5 فيبروري جي تيارين کي حتمي شڪل ڏين. جاويد ناگوري چيو ته ڪشمير اسان جي جان آهي، پيپلز پارٽي هميشه ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪندي رهي آهي. ان موقعي تي فيصلو ڪيو ويو ته پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن پاران 5 فيبروري کان لانگ مارچ لاءِ باقائده عوامي رابطا مهم شروع ڪئي ويندي ۽ ان سلسلي ۾ ڪراچي جي واپاري برادري، مارڪيٽ الائنس، شاگرد تنظيمن ۽ زندگي جي سمورن طبقن سان تعلق رکندڙ سان رابطا ڪري کين لانگ مارچ جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *