اديتيه راءِ ڪپور رنبير ۽ ڪترينا ڪيف ۾ ٺاهه ڪرائڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار اديتيه راءِ ڪپور اداڪار رنبير ڪپور ۽ ڪترينا ڪيف ۾ ٺاهه ڪرائڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ڀارتي ميڊيا مطابق رنبير ڪپور ۽ ڪترينا ڪيف تازو رستا ڌار ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان خبر تي نه رڳو چاهيندڙن پر فلم انڊسٽري جي ماڻهن کي به ڏک ٿيو آهي. ذريعن مطابق اداڪار اديتيه راءِ ڪپور ٻنهي جو ٺاهه ڪرائڻ لاءِ پنهنجي وک وڌائي آهي ۽ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. اديتيه ،رنبير جو گهاٽو دوست به آهي، اميد ڪئي پئي وڃي ته انهن ڪوششن جا  بهتر نتيجا  ظاهر ٿيندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *