باچا خان يونيورسٽي تي حملو افسوسناڪ عمل آهي، دهشتگرد انسان سڏائڻ جا حقدار نه آهن: سهيل انور سيال

ڏوڪري(رپورٽر)سنڌ جو گهرو وزير ڪالهه بنا پروٽو ڪول جي ڏوڪري تعلقي باقراڻي جي مختلف شهرن جا دورا تعزيتون ڪيو. صوبائي وزير خير محمد آريجا ۾ پ ٽ الف اڳواڻ سيد هدايت الله شاهه سان سندس امڙ جي وفات تي تعزيتڪئي، ان مو قعي تي ساڻس گڏ پ پ اڳواڻ ۽ ڊسٽرڪ ڪائونسل لاڙڪاڻي جو ڊسٽرڪ ميمبر انجنئير طارق انور سيال ،سينئير صحافي سهيل وڙائچ ۽ ٻيا هئا. جنهن صو بائي گهرو وزير سهيل انور سيال شهيد محترم بينظير ڀٽو ميڊيڪل يو نيو رسٽي جو دورو ڪيو ۽ مختلف اسڪيمن تي هلندڙ ڪمن جو جائزو ورتو. ۽ اتي مو جود عملي کان ڪم متعلق معلومات ورتي. ان مو قعي تي صو بائي گهرو وزير سهيل انور سيال پاران ڳالهائندي چيو ته شهيد محترم بينظير ڀٽو ميڊيڪل يو نيو رسٽي اسان جو اثاثو آهي هنن جي سار سنڀال لهڻ اسان جو فرض آهي. هن چيو ته يو نيو رسٽي جي بند ڪيل ڪم کي مڪمل ڪيو ويندو، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تي گهڻي ڀاڱي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي، ڪوشش آهي امن امان مڪمل بحال ڪري عوام مان ڦهليل مايوسي ۽ خوف جي فضا کي ختم ڪيو وڃي، باچا خان يونيورسٽي تي ٿيل حملي تي ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته درسگاهن تي حملا انتهائي افسوس ناڪم عمل آهن، معصوم ۽ هٿين خالي شاگردن تي حملا ڪري دهشتگردن ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اهي ڪنهن به صورت انسان چوائڻ جا حقدار نه آهن، فوسز جي مدد سان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو. امن جي فضا کي هر قيمت تي بحال ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *