اداڪار ورون ڌون سلمان خان کان اڳتي نڪري ويو

ممبئي (اين اين آءِ) تيزي سان اڀرندڙ باليووڊ جي اداڪار جي فلم جڙوان ٽو هڪ ڏينهن ۾ 20 ڪروڙ جو بزنس ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. باليوڊ هدايتڪار  ڊيوڊ ڌون جي فلم جڙوان ٽو رليز ٿيندي ئي ڪاميابي ماڻي، جڙوان ٽو ٻن ڏينهن ۾ 36 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ بزنس ڪري سڀني کي حِيران ڪري ڇڏيو آهي. ٽريڊ اينالسٽ ترن آگرش جو چوڻ آهي ته فلم رليز ٿيڻ جي پهرين ڏينهن يعني جمعي تي 16 ڪروڙ 10 لک روپيا جڏهن ته ٻئي ڏينهن 20 ڪروڙ 55 لکن جو بزنس ڪيو جيڪو گڏيل طور تي 36 ڪروڙ 65 لک روپيا ٿين ٿا.  ترن جو چوڻ آهي ته جڙوان ٽو  ورن ڌون جي پهرين فلم آهي جنهن هڪ ڏينهن 20 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ بزنس ڪيو آهي ان کان اڳ ورون ڌون جي ڪابه فلم هڪ ڏينهن ۾ ويهه ڪروڙ روپيا ڪمائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي هئي. فلم جو ٽريلر ۽ گانا پهريان ئي مقبول ٿي چڪا هيا.  ياد رهي ته فلم جڙوان ٽو ڊيوڊ ڌون جي پهرين فلم جڙوان جو سيڪوئيل آهي جيڪا ست فيبروري 1997 ۾ رليز ٿي هئي سلمان خان جي جڙوان گڏيل طور تي ساڍن 26 ڪروڙن روپين جو بزنس ڪيو هو، جڏهن ته هاڻي ورون ڌون جي جڙوان صرف ٻن ڏينهن رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *