آمريڪا ۾ دهشتگردي، نائيٽ ڪلب ۾ فائرنگ، 50 ڄڻا مارجي ويا، 200 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا ۾ هٿياربندن هڪ ڪلب تي حملو ڪري 50 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته 200 ماڻهو زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو ايجسني موجب آمريڪي رياست نيواڊا جي شهر لاس ويگا ۾ هڪ هٿياربند ڪلب ۾ داخل ٿي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 50 ماڻهو موقعي تي مارجي ويا، جڏهن ته 200 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. واقعي کانپوءِ سڪيورٽي فورسز جي فائرنگ ۾ هٿياربند مارجي ويو. شروعاتي اطلاعن موجب منڊالي بي ڪيسينو ۽ هوٽل جي اڱڻ ۾ ميوزڪ ڪنسرٽ جاري هو ته هڪ هٿياربند هوٽل جي 32 هين ماڙ کان هيڍ موجود ميڙ تي فائرنگ ڪري ڏني ۽ گوليون هلايون، پوليس جوابي ڪارروائي ڪندي هڪ حملي کي ماري ڇڏيو. سوشل ميڊيا تي سامهون ايندڙ تصويرن ۽ ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته خوفزده شوقين جان بچائڻ لاءِ ڪنسرٽ ڇڏي ڀڄندي نظر اچي رهيا آهن. اختيارين لاس ويگاس ۽ ايئرپورٽ کي بند ڪندي اڏامن کي رخ موڙي ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *