لاهور(شوبز نيوز) اداڪار شان ۽ ريما جي فلمي ڪيريئر کي 21 سيپٽمبر تي 25 سال مڪمل ٿي ويا. ٻنهي اداڪارن جي پهرين فلم ”بلندي” 21 سيپٽمبر 1990ع تي رليز ٿي هئي جنهن ٻني فنڪارن کي شهرت جي اوچاين تي پهچايو هو. ان فلم جو فلمساز اسلام بٽ جڏهن ته هدايتڪار محمد جاويد فاضل مرحوم هو. ان فلم ۾ نديم شان جي والد ۽ ثمينه پيرزاده والده جو ڪردار ادا ڪيو هو جڏهن ته ٻين اداڪارن ۾ افضال احمد، طالش، همايون قريشي ۽ ٻيا شامل هئا.