پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ ٻي ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل مئچ (اڄ) کيڏي ويندي

هراري (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٻي ۽ اخري ٽي ٽوئنٽي انٽر نيشنل (اڄ) اڱاري تي هراري اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏي ويندي. پاڪساني وقت موجب مئچ شام جو 4 وڳي شروع ٿيندي. پاڪستان کي ٻن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل آهي. سيريز جي پهرين مئچ ۾ گرين شرٽس 13 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي، ٽي ٽوئنٽي کان پوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏي ويندي ۽ پهرين ون ڊي پهرين آڪٽوبر ٻي 3 ۽ ٽين ۽ آخري ون ڊي مئچ 5 آڪٽوبر تي کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *