اداڪاري ڪرڻ جو فيصلو سِڪو اڇلائي ڪيو: پريتي زنٽا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا پريتي زنٽا انڪشاف ڪيو آهي ته هن سڪو اڇلائي بالي ووڊ ۾ قدم رکڻ جو فيصلو ڪيو.خوبصورت اداڪارا پريتي 2000ع ڏهاڪي ۾ بالي وڊ جي ٽاپ اداڪارائن جي فهرست ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي.هاڻ هن پاڻ انڪشاف ڪيو آهي ته هن جي ان ڪامياب ڪيريئر جي شروعات سڪي جي ذريعي ڪيل ٽاس سان ٿي.هڪ شو ۾ ڳالهائيندي پريتي زنٽا ٻڌايو ته جيڪڏهن ٽاس هن جي حق ۾ نه هجي ها متان هوءَ اداڪاري جي چونڊ نه ڪري ها، کيس شيکر ڪپور جي فلم ”تارا رم پم پم“ جي آڇ ڪئي وئي ته ان کي ڪرڻ جو فيصلو هن قسمت تي ڇڏي ڏنو.هن چيو ته اها پرفيڪٽ ڪهاڻي لڳندي هئي پر آئون فيصلو ڪيو ته جيڪڏهن اها منهنجي قسمت آهي ته آئون ٽاس ڪنديس جيڪڏهن هيڊ آيو ته آئون فلم ڪنديس ۽ جيڪڏهن ٽيل آيو ته نه ڪنديس.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *