پي ايس ايل 7: انگلينڊ جا وڌيڪ 6 رانديگر اڄ ڪراچي پهچندا

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ ۾ شريڪ انگلينڊ جا وڌيڪ 6 رانديگر سڀاڻي ڪراچي پهچندا.ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ۾ شامل جيمز ونس ۽ جيسن راءِ سڀاڻي هوٽل ۾ رپورٽ ڪندا، جڏهن ته فل سالٽ، ثاقب محمود، هيري بروڪس ۽ ڪرس جارڊن به سڀاڻي ڪراچي پهچندا.ڪوئيٽا ۾ جزوي متبادل طور شامل انگلينڊ جي ڊين لارنس کي ٽيم مان رليز ڪيو ويو آهي.اهي سمورا رانديگر ويسٽ انڊيز خلاف سيريز ۾ شرڪت کانپوءِ پاڪستان پهچي رهيا آهن.واضح رهي ته مجموعي طور تي انگلينڊ جا 24 رانديگر پي ايس ايل ۾ شريڪ آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *