اداڪاره ڪياره آڏواڻي جلد نين فلمن ۾ نظر اچڻ واري

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ اداڪاره ڪياره آڏواڻي جلد رليز ٿيندڙ شاهد ڪپور جي فلم “ڪبير سنگهه” ۽ اڪشي ڪمار اسٽارر فلم “لڪڇمي/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 08

بومب” جي ڪري خبرن ۾ آهي. اتي هڪ ٻي وڏي فلم ڪياره آڏواڻي جي نالي ٿيڻ جي خبر سامهون آئي آهي، ڪياره پاڻ به اها خوشخبري سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي آهي، فلم جو نالو ئي ٻڌائي رهيو آهي ته اها ڪاميڊي فلم هوندي. تمام گهٽ عرصي ۾ باليووڊ ۾ پنهنجون صلاحيتون مڃائيندڙ ڪياره آڏواڻي جلد ئي بنگالي ليکڪ ۽ فلم ميڪر آبير زين گپتا جي فلم ۾ مرڪزي ڪردار نڀائيندي نظر اچڻ واري آهي. خبرن موجب فلم ۾ ڪياره گهڻي مضبوط ڪردار ۾ نظر ايندي، فلم ميڪرز سان گڏ ڪياره پاڻ به سوشل ميڊيا تي فلم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سامهون آيل پوسٽ موجب هن فلم جو نالو “اندو ڪِي جواني” هوندو. مزاحيه فلم ۾ ڪياره غازي آباد جي ڇوڪري اندو گپتا جي ڪردار ۾ نظر ايندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *