اداڪاره زرين خان بگ باس شو ۾ نظر ايندي

ممبئي (شوبز نيوز) ريئلٽي شو بگ باس 12 جي بورنگ ٿيڻ کانپوءِ بگ باس 13 لاءِ ميڪرز سوچي سمجهي شوبز شخصيتن جي چونڊ ڪري/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 13

رهيا آهن. ريئلٽي شو جي مرڪزي ماڻهن لاءِ ڪيترن ئي نالن وچ ۾ چوٻول آهن. ان فهرست ۾ هاڻ سلمان خان جي ڪو اسٽار ۽ ڪترينا ڪيف جي هم شڪل سڏي ويندڙ اداڪاره زرين خان جو به نالو سامهون آيو آهي، سلمان خان سان گڏ فلم وير ۾ نظر آيل اداڪاره زرين خان بگ باس سيزن 13 ۾ حصو وٺي سگهي ٿي، جيڪڏهن ائين ٿيويو ته زرين خان بگ باس جي گهر ۾ لاڪ ٿيندڙ پهرين ڪنٽيسٽنٽ هوندي. جيتوڻيڪ شو جي ميڪرز ۽ زرين خان جو ان بابت ڪو ري ايڪشن سامهون نه آيو آهي. بگ باس جو پليٽ فارم زرين خان لاءِ نيون اميدون کڻي اچي سگهي ٿو. يقينن هي شو زرين خان جي مشهوري وڌائيندو. سلمان خان جي پسنديده هئڻ ڪري دبنگ خان ۽ سندس مداحن جي زرين خان کي مڪمل سپورٽ ملندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *