احد چيما جي گرفتاري خلاف بيورو ڪريٽن جي هڙتال رياست خلاف جنگ جو اعلان آهي: طاهر القادري

ٽورنٽو(ويب ڊيسڪ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه علامه طاهر القادري چيو آهي ته نواز شريف ۽ شهباز شريف ادارن جي خلاف هڪ ئي صفحي تي آهن. تفصيل موجب ميڊيا سان ڳالهائيندي طاهر القادري جو چوڻ هو ته ڪرپٽ شهباز شريف جو چور بٽڻ احد چيما وٽ آهي، انهيءَ ڪري هن جي گرفتاري تي تنقيد ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته گرفتاري کان پوءِ پنهنجي مالي ڏوهن جي تحفظ لاءِ شهباز شريف بيورو ڪريٽن کي ورغلايو،  بيورو ڪريٽن جي اها هڙتال رياست جي خلاف جنگ جو اعلان آهي. هن انڪشاف ڪيو ته ٻن ڏينهن وري سروسز ڪلب ۾ وزير بغاوت جي منصوبابندي ڪندا آهن، ان سڄي معاملي ۾ خاموشي ۽ ايڪشن نه وٺڻ سان ثابت ٿيو ته پنجاب جو وڏ وزير ان ۾ شامل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *