عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ ڪي پي ٻين صوبن کان گهڻو اڳتي آهي: عمران خان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ ڪي پي ٻين صوبن کان گهڻو اڳتي آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٻيلن جي رائلٽي سڌو عورتن کي ڏني پئي وڃي. هن چيو ته ڪي پي حڪومت ٻيلن جي رائلٽي ۾ پهريون ڀيرو عورتن کي به حصيدار بڻايو آهي جنهن جي شروعات چترال کان ڪئي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته ٻيلن ۾ عورتن کي رائلٽي ڏيڻ جي شروعات چترال مان ڪئي وئي آهي ۽ اها رائلٽي جلد مالاڪنڊ کي به ڏني ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *