اتر وزيرستان ۾ امريڪي جاسوس جهاز جي حملي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا، 6 زخمي

اُتر وزيرستان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اتروزيرستان جي شوال واري علائقي ۾ امريڪي جاسوس جهاز جي حملي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا ، حملي کانپوءِ مختلف علائقن ۾ اڏمون جاري آهن. سڪيورٽي ذڙيعن موجب، امريڪي جاسوس جهازن شاهي خيل واري علائقي ۾ هڪ گهر تي 2 ميزائل فائر ڪيا، جنهن ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا. سڪيورٽي ذريعن موجب، جاسوس جهازن ڄاڻايل علائقي مٿان اڌ ڪلاڪ تائين اڏامن بعد هڪ گهر تي 2 ميزائل فائر ڪيا. سڪيورٽي ذريعن موجب، جاسوس جهاز جي حملي کانپوءِ جاسوس جهاز جون علائقي ۾ اڏامون جاري آهن، جنهن سبب رهواسين ۾ خوف ڇائنجي ويو آهي. ياد رهي ڪجهه ڏينهن اڳ شوال واري ئي علائقي ۾ هڪ گهر تي حملي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا هئا. .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *