پهرين فيبروري کان پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان

اسلام آباد (بيورو) ملڪ ۾ جاري پيٽرول بحران جي باوجود پهرين فيبروري کان پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان آهي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ 11 روپيا في ليٽر گهٽتائي ٿي سگهي ٿي، ذريعن مطابق اوگرا پهرين فيبروري کان پيٽروليم مصنوعات ۾ گهٽتائي جي سمري تيار ڪري ورتي آهي، پيٽرول جي قيمت ۾ 8 روپيا 65 پئسا ۽ گاسليٽ جي قيمت ۾ 5 روپيا 28 پئسا في ليٽر تائين گهٽتائي جو امڪان آهي هاءِ اسپيڊ ڊيزل 7 روپيا 66 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل 7 روپيا 38 پئسا في ليٽر سستو ٿي سگهي ٿو، هاءِ آڪٽين جي قيمت ۾ 11 روپيا في ليٽر تائين گهٽتائي جو امڪان آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *