آمريڪي الزام رد، عالمي برادري پاڪستان جي دهشتگردي خلاف ڏنل قربانين جو اعتراف ڪري: چين

واشنگٽن /بيجنگ(اين اين آءِ)امريڪا جي صدر ٽرمپ افغانستان جي لاءِ پنهنجي اتنظاميا جي حڪمت عملي واضع ڪندي  چيو ته افغانستان ۾ سيڪيورٽي خطرا تمام سنجده آهن، پرڏيهي خابرو اداري موجب هن چيو ته اڄ افغآنستان ۽ پاڪستان ۾ 20 اهڙيون تنظِمون سرگرم آهن جنکي امريڪا دهشتگرد قرار ڏئي چڪو آهي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان اڪثر اهڙين تنظيمن کي محفوظ پناهه گاهون فراهم ڪندو آهي جيڪو دهشتگردي، تشدد ۽ افراتفريح فهلائن ٿيون، صدر ٽرمپ چيو ته افغانستان ۽ پاڪستان ۾ امريڪا جا مخالف واضغ آهن، اسانکي اهڙن دهشتگردن کي محفوظ پناهه گاهون حاصل ڪرڻ کان روڪڻون پوندو جيڪو امريڪا لاءِ خطرو آهي ۽ اسانکي خاطري ڪرائڻي پوندي ته ايئٽمي هٿيار دهشتگردن جي هٿن تائين پهچي نه سگھن  جيڪي اسانجي خلاف استعمال ٿي سگھن ٿا، ٽرمپ چيو ته انجي انتظاميا افغانستان ۾ پنهنجي حڪمت عملي لا ءَ تاريخون نه ٻڌائيندي ته اسان ڪڏهن ۽ ڪٿي دهشتگردن جي خلاف ڪاروائي ڪنداسين.  هن چيو ته پاڪستان سان پنهنجي رابطن ۾ تبديلي آڻينداسين، اسان پاڪستان ۾ دهشتگردن تنظيمن طالبان ۽ اهي جيڪي خطي ۽ ٻي دنيا جي لاءِ خطرو آهن انهن جي محفوظ پناهگاهن تي وڌيڪ خاموش نه ٿا رهي سگھون. افغانستان ۾ اسانجي ڪوششن جو حصو بنجي پاڪستان گھڻو ڪجھه حاصل ڪري سگھي ٿو، دهشتگردن جي مدد ڪري انکي تمام گھڻو نقصان ٿيندو. صدر ٽرمپ واضع ڪيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ ڀارت امريڪا جو هڪ اهم اتحادي آهي، هن چيو ته ڀارت کي افغانستان جي معيشت امن ۽ سيڪيورٽي م بهتري آڻڻ لاءَ وڌيڪ ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. ٻئي طرف  چين آمريڪا تي واضح ڪيو آهي ته عالمي برادري کي پاڪستان جي دهشتگردي وارن قدمن کي مڃڻ گهرجي، چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان آمريڪا جي صدر جي خطاب تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان فرنٽ لائين تي رهيو ۽ پاڪستان ان جنگ ۾ وڏيون قربانيون ۽ تعاون ڪيو، ترجمان چيو ته خطي، عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ آمريڪا ۽ پاڪستان جي تعاون تي چين مطمئين آهي، هن اميد ڪئي ته آمريڪا جون پاليسيون خطي ۽ افغانستان جي ترقي لاءِ هونديون، پرڏيهي وزارت واضح ڪيو ته چين ۽ پاڪستان ويجها دوست آهن جن جي وچ ۾ ويجها سفارتي، اقتصادي ۽ سيڪيورٽي لاڳاپا آهن، ياد رهي ته صدر ٽرمپ جو پاليسي اعلان جي موقعي تي خطاب دوران چوڻ هو ته پاڪستان کي اربين ڊالر ڏيون ٿا پر هو دهشتگردن کي پناهه ڏئي رهيو آهي جنهن تي خاموش نه رهنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *