سياسي پارٽِيون ۽ احتساب جي گهرُ..؟:  غلا مصطفيٰ جمالي

ويهه صدي جي ختم ٿيڻ وقت آمريڪي اخبار نويس.جنهن اسلامي دنيا کي هڪ دفعو ٻيهر مغرب جي صليب تي ٽنگهڻ ۽ غلام بڻائڻ لاءِ مغربي سامراجن کي پيش ڪش ڪئي.  ان يهودي جو نالو“تامهيس فريند مين ”هو سندس هڪ ڪالم جيڪو تمام گهڻو مشهور ٿيو جنهن جو عنوان هو.“عالم اسلام ۾ هر حال ۾ جنگ رهي” )The universe remained a war in Islam( ڇو ته اهو ان جو اهو مقصد هو. ته اسلامي ملڪن اندر امن جو نالو نشان ئي نه هجي.همِيشه اسلام ملڪن اندرخانه جنگي رهي.اسلامي ملڪ پاڻ ۾ وڙهڻ جنهن جو اسان فائدو وٺون.انهي ڪري مغربي سامراج اهڙي سوچ سوچي ته آخر اهڙو ڪهڙو طريقو ڪجي جنهن سان اسلامي ملڪن اندر ڏڦير پيدا ٿي وڃي. اوهان ڏٺو هوندو  ته اها مغربي سامراجن جي روايت رهي آهي ته انهن هميشه جنهن به ملڪن تي حڪمراني ڪئي آهي. انهي ملڪ اندر انهن سڀ کان پهرين انهي ملڪ جي تعليم کي ڌڪ رسايو آهي.جيئن هڪ اهڙي مغربي (سامراج) جو چوڻ آهي ته ”جڏهن به اوهانکي ڪنهن ملڪ تي حڪومت ڪرڻي آهي ته ان ملڪ مان صرف ٻه شيون کسيون“. انهن ٻن شين مان هڪ شيءُ  ان ملڪ جي ”تعليم“ ختم ڪيو ٻيو انهي ملڪ اندر” فرقيواريت“ کي جنم ڏيو..پوءِ اهو ملڪ اهڙو ڪمزور ٿي ويندو.جنهن کي پاڻ سنڀالڻ ڏکيو ٿي پوندو، ۽ پوءِ اوهينُ  انهي الڙکائيندر ملڪ تي اوهان آساني سان پنهنجو مغربي سامراج آڻي سگهون ٿا.!

انهي ڪري انهن مغربي سامراجن اهو ئي طريقو استعمال ڪيو..پهرين اسلامي ملڪن مان سندس ٻولي ۽ تهذيب کي ختم ڪيو ۽ انهي ٻولي ۽ تهذيب جي بدلي پنهنجو ٻولي ۽ تهذيب جي تبليغ ڪئي.۽ پوءِ مغربي سامراج  ائين ڪندا ويا.۽ آخرڪار هو انهي پنهنجي مقصد اندر ڪامياب ٿيندا ويا.جڏهن انهن پوري اسلامي ملڪن اندر پنهنجي تهذيب کي عام ڪيو ته انهي تهذيب اسلامي ملڪن اندر اهڙو اثر ڏيکاريو جن آهستي آهستي اسلامي ملڪن اندر فرقيواريت کي جنم ڏنو.۽ پوءِ انهي مغربي سامراج انهي فرقيواريت کي انتهاپسدي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.۽ مسلمانن جا هڪ  اهڙو گروهه پيدا ڪيا جيڪي خد پنهنجي مسلمانن جا دشمن بنجي ويا.

جڏهن ته انهي مغربي سامراجي قووتن  انهي فرقيواريت کي وڌيندي ڏٺو۽ مسلمانن کي مسلمان سان بي انتها نفرت ڪندي ڏٺو ته انهن انهي مسلمانن مان تنظيمون ٺاهڻ شروع ڪيون جن کي وڏي تعداد اندر اسحلو ڏنو ويو ۽ انهن کي وڏي رقم ڏئي ڪري،کين لالاچي بڻايو ويو.۽ انهن مغريي سامراجن جو اهو تجربو ڪيترو ڪامياب ويو اهو اسان جي سامهون آهي.جنهن جا  ته نتيجا اهڙا نڪتا آهن جو اسلامي ملڪ واقعي هڪ وڏيون اذيتون ڀوڳي رهيا آهن.انهي مغربي سامراجن جي پيدا ڪيل ٻج کي هن وقت اسلامي ملڪن جا  ڪيترائي دشمن ملڪ پاڻي ڏئي رهيا آهن.

يعني انهن دهشتگرد تنظيمن تي ڪڙورين رپيا پاڻي وانگر خرچ ڪري رهيا آهن .جن ملڪن ۾ انڊيا ۽ اسرائيل ۽ هن وقت آمريڪا پهرين نمبر تي آهن.انهي ڪري وڏي افسوس جهڙي ڳالهه ته اها آهي جو خد مسلمان پنهنجي مسلمان ڀائرن کي ڪهڻ لاءِ ڪات ڪهاڙا تيز ڪري رهيا آهن.مشرقي سطح تي ايشا ۾ سڀ کان وڌيڪ القائداه  جهادي گروپ سڀ کان اڳيان هو.جنهن جي سموري واڳ آمريڪا جي هٿ ۾ هئي.۽ هن وقت به آمريڪا جي هٿ ۾ آهي.جڏهن ته سندس سرمايه ڪاري خد آمريڪي سامراجن جي هٿ ۾ آهي.جڏهن ته اساما بن لادن جو موت کان پوءِ القاده جو زوال بڻيو.ان کان پوءِ وري ته مشرقي سطح تي ايشا جو امن خراب ڪرڻ لاءِ آمريڪي سامراجن داعش نالي جهادي تنظيم کي جنم ڏنو.۽ هي اهو هڪ ننڍڙو گروپ هو جيڪو همِيشه القائده جي پيسي جي هلندو هو.پر هاڻ اها داعش جنهن جو اصل چهرو سامهون اچي رهيو آهي.

مغربي صليبي سامراج ۽ اسلام جي دشمن سابق وزيراعظم ٽوني بلئير خد اهو اعلان ڪيو هو ته اها”داعش“ اسان مسلمانن کي سبق سيکارڻ لاءِ ٺاهي آهي.جڏهن ته پنهنجي دور اندر ٽوني بلئير ۽ جارج بش اسلام ۽ اسلامي ملڪن جا وڏي ۾ وڏا دشمن هئا. ۽ انهن ٻنهي بزرگ دهشتگردن آخري اليڪشن انهي ئي حيثيت تي کٽي هئي ته صليبي سامراج. مسلمانن کي نشانو بڻائي. اهو حال ۽ موقف ٽوني بلئير جو  هو جنهن ڪري بش کيس مشرقي سطح تي مغربي ملڪن جي صليبي سامراج جو نمائيندو ۽سفير مقرر ڪيو.۽ انهي وقت ٽوني بلئير داعش کي وجود ۾ آندو.

جڏهن ته هن  وقت آمريڪا جو  صدر ڊونلڊ ٽرمپ جنهن جو نظريو به انهن پوڙهن سياستدانن کان وڌيڪ خطرناڪ نظر اچي رهيو آهي.جڏهن ته سندس صدارتي اليڪشن جي مهم دوران جي اهڙيون ڳالهيون گردش ڪري رهيون هنيون ته دنيا جي اسلامي ملڪن لاءِ ڊونلڊ ٽرمپ سٺو آمريڪي صدر ثابت نه ٿيندو،۽ ٿيو به ائين ڊونلڊ ٽرمپ صدارتي حلف کڻڻ کان پهرين خاموش هو جنهن مان ائين لڳي رهيو هو ته ٿي سگهي ٿو ته سندس نظري ۾ اليڪشن کٽڻ کانپوءِ تبديلي آئي هجي پر جئين ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي صدارتي عهدي جو حلف کنيو ته سندس خطرناڪ نظريو سڀني جو سامهون اچي ويو،

ڊونلنڊ ٽرمپ ايندي ست اسلامي ملڪن مٿان پابندي لڳائي ڇڏي هئي جڏهن ته آمريڪي عدالتن سندس اهڙي بيان کي رد ڪري ڇڏيو هو پر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي فيصلي ۾ قائم اڃان به  آهي،جن اسلامي ملڪن مٿان آمريڪا پابندي لڳائي آهي انهن ۾ ايران جي سڀ کان وڌيڪ تبصرا هلندڙ آهن ڇو ته ايران وٽ جوهري مادو پيل آهي ۽ هو ڪنهن وقت ايٽمي تجربو به ڪرڻ وڃي رهيو هو پر اوباما جي دور اندر ايران ۽ آمريڪا جي تعلقات بهتر تي ويا ۽ ٻنهي ملڪن انهي تجربي ختم ڪري ايٽمي مهادو ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ آمريڪا ايران تان سموريون پابنديون هٽائي ڇڏيون،۽ ايران ۽ آمريڪا ويجها دوست بڻجي ويا پر هن وقت  ڊونلڊ ٽرمپ جي رويي مان اهو صاف ظاهر آهي ته هو ايران سان ڪنهن به ماحول اندر ٺاهه ڪري جي موڊ ۾ ناهي ٻئي پاسي ايران به آمريڪا کي اکيون ڏيکارڻ لاءِ آمريڪن جي ايران اندر اچڻ تي پڻ پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

پر ڪالهه آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان تي الزام هڻندي ڊو مور جو مطالبو ڪيو آهي. آرلينگٽن فوجي اڏي تان خطاب ڪندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جي مبينا ٿاڪن تي خاموشي اختيار نه ڪئي وينديي،پاڪستان افراتفري پکڙيندڙن کي پناهه ڏيندو آهي.ڊونلڊ ٽرمپ اهو به چيو ته پاڪستان بابت پنهنجي پاليسي تبديل ڪري رهيو آهيو، جنهن لاءِ پاڪستان کي پنهنجي صورتحال تبديل ڪرڻي پوندي،ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان جي ڌمڪي ڏيندي اهو به چيو ته جيڪڏهن پاڪستان دهشتگردن جي پناهه ڏيندو رهيو ته اسلام آباد جو امن به خراب ٿي سگهي ٿو،آئون ،سمجهان ٿو ته ڊونلنڊ پرمپ جي اهڙي سوچ جنهن اندر صرف ۽ صرف نفرت جي بوءِ اچي رهي آهي،جيڪا هو هن وقت پاڪستان سان ڪري رهيو آهي.

  • پر آمريڪا کي اها به خبر هجڻ گهرجي ته پاڪستان هڪ ايٽمي ملڪ آهي جيڪو پنهنجو دفاع ڪرڻ خوب ڄاڻي ٿو ته ۽ پنهنجي ملڪ جي دفاع آهي پاڪستان وٽ پنهنجي دلير فوج موجود آهي جنهن جي هاڪ اندر عام آهي،انڪري هن وقت افعانستان اندر جيڪڏهن 3900هزار فوجي مقرر ڪرڻ ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته اها سندس وڏي ۾ وڏي ڀل آهي انهي ۾ سندس ئي نقصان ٿيندو،ڇو ته هن وقت ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان تي الزام لڳائي رهيو آهي ته پاڪستان دهشتگردن کي پناهه ڏئي رهيو آهي پر کيس اها به خبر هجڻ گهرجي ته اهي دهشتگرد خد سندس ئي پيدائش آهن،جيڪڏهن هوُ هاڻ سندس ئي ڳلي جو ڦندو بڻجي ويا آهن ته انهي اندر پاڪستان جو ڇا وڃي.پوءِ به پاڪستان هر حال ۾ دهشتگردي جي حوالي سان آمريڪا جي هر موڙ اندر سهڪار ۾ رهيو آهي،جڏهن آمريڪا افغانستان اندر اساما بن لادن ۽ ملا عمر ۽ ٻين طالبان گروپن خلاف جنگ ڪري رهيو هوُ ته سموري دنيا جي ملڪن مان پاڪستان هو واحد اسلامي ملڪ هوُ جيڪو سندس اتحادي بڻيو ٻيٺو هوُ ايتري حد تائين جو پاڪستان آمريڪا کي افعانستان اندر هلندڙ طالبانن خلاف جنگ ۾ پنهنجا هوائي اڏا به سندس حوالي ڪري ڇڏيا هئا.پر ڊونلڊ ٽرمپ انهن سمورين ڳالهين کي وساري ڪري جيڪي پاڪستان مٿان الزام لڳائي رهيو آهي اهي الزام بي بنياد ۽ ڪوڙا آهن جن ۾ ڪا به اهڙي صداقت ناهي رڳو ساِڙ ئي ساڙ نظر اچي رهيو آهي،جڏهن ته اها سڀني کي خبر آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جو اهڙو رويو ڇو آهي،

ڇو ته اقصادي راهداري اهو واحد منصوبو آهي جنهن تي آمريڪا کي تمام گهڻي تڪليف ٿي رهي آهي ۽ اهو سبب آهي جو هو انهي اقتصادي راهداري کي ناڪام ڪرڻ لاءِ افسوس ۽ ڇڙ ڏياريندڙ بيان ڏئي رهيو آهي برحال ٽرمپ جي انهي بيان سان پاڪستان جي پاڪستاني عوام تي ڪو به اثر نه پوندو پاڪستان خد هڪ خدمختار ملڪ آهي انڪري ڊونلڊ ٽرمپ جون اهڙيون ڀڀڪيون ڪجهه به ڪري نه سگهنديون ان ڀڀڪين اندر وري به نقصان سندس ئي آهي،

پاڪستان خلاف اهڙو بيان ڏيڻ جي پاڪستان جو سموريون سياسي جماعتون هڪ ٿي ڪري اهڙي چڙ ڏياريندڙ بيان خلاف مذمت ڪري رهيو آهن،جن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي،تحريڪ انصاف،پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان مسلم لگ ق توڙي ٻين سياسي جماعتن به انهي بيان خلاف مذمت ڪئي آهي جيڪا هڪ سٺي ڳالهه آهي،پر اتي هڪ اهو سوال به اهم آهي ته ڊونلڊٽرمپ جي اهڙي بيان کان پوءِ ايشائي خطي تي ڪهڙا اثر پوندا،مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن ايشاءُ جا اثر خراب ٿيا ته انهي جو زميوار صرف ۽ صرف ڊونلڊ ٽرمپ هوندي،جيڪو نفرت جي باهه پکيڙڻ لاءِ اهڙا بيان ڏئي رهي آهي جنهن سان پاڪستان عوام جو خاصي ڪاوڙ جي لهر ڇانجي چڪي آهي،انڪري ڊونلڊ ٽرمپ جي اهڙا بيان ڏيڻ کان پهرين سوچڻ گهرجي ته هو خد خدمختيار ملڪ جي اهڙا الزام ڪهڙي ريت لڳائي سگهي ٿو جنهن جو وٺس ڪو به حق ناهي،پاڪستان مٿان الزام هلندڙ ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان خلاف چين به مذمت ڪئي آهي ۽ چين اهو واضع چيو آهي ته پاڪستان دهشتگري جي ويڙه اندر پهرين ئي وڌيڪ انصاف کائي چڪو آهي جنهن نقصان کي آمريڪا تسليم ڪري،انڪري آئون به اهو ئي چوندس ته آمريڪا پاڪستان مٿان اجايا الزام هڻڻ بند ڪري ۽ جيڪڏهن هو پاڪستان مٿان حملن جي ڳالهه ٿو ڪري ته انهي جو جواب ۾ صرف ايترو چوندس ته پاڪستان وٽ پنهنجي بهادر آرمي موجود آهي جيڪا پنهنجي عوام ۽ دفاع ڪرڻ خوف ڄاڻي ٿي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *