آف شور ڪمپنين خلاف هُل ڪندڙ پاڻ آف شور ڪمپنين وارا نڪتا: وفاقي حڪومت

اسلام آباد (اين اين آءِ) دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته عمران خان جڏهن پڪڙيو ويو ته آف شور ڪمپني جو اعتراف ڪي، هن چيو ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين جو آمدني جو ڪو به ذريعو ناهي ۽ هو ٻڌائي ته هو پنهنجا خرڇ ڪٿان هلائي ٿو، تحريڪ انصاف جي چيف شوڪت خانم جي خيرات وارن پيسن مان آف شور ڪمپني ۾ انويسٽمينٽ ڪئي هئي، هڪ انٽروويو ۾ هن چيو ته آف شور ڪمپينن جو شور مچائيندڙ پاڻ آف شور ڪمپنين جا مالڪ آهن، عمران خان 1983 ۾ ٽيڪس بچائڻ لاءِ آف شور ڪمپني بڻائي ۽ هن شوڪت خانم جي خيراتي پيسن کي ان ڪمپني ۾ انويسٽ ڪيو، هن چيو ته عمران خان منهنجي خلاف 10 ارب رپين جي هرجاڻي جي دعويٰ ڪئي آهي، ان دعويٰ مطابق آف شور ڪمپنيون غير قانوني نه آهن، هن چيو ته عمران خان ڪوڙ ڳالهائي ٿو ۽ سندس بيانن ۾ فرق آهي، عمران خان ٻڌائي ته پنهنجا خرچ ڪيئن هلائي ٿو ۽ سندس گهر ۾ ڪهڙي اي ٽي ايم مشين لڳل آهي، هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبو خطي ۾ انقلاب ۽ اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي جو ضامن آهي. خواجه محمد آصف چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي حڪومت توانائي جي بحران کي ترجيحي بنيادن تي منهن ڏيڻ  جو  پختو عزم ڪيو آهي. آچر ڏينهن هتي پاڪستان مسلم ليگ هائوس ۾ ”اي پي پي” سان ڳالهائيندي هن چيو ته  حڪومت ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ بجلي جي پيداوار لاءِ وڌيڪ فنڊ مختص ڪندي ۽ اهو عمل حڪومت جي لوڊ شيڊنگ جي خاتمي واري واعدي پوري ڪرڻ تائين جاري رهندو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي حڪومت توانائي جي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪري رهي آهي ۽ حڪومت جي اثرائتين پاليسين سبب لوڊ شيڊنگ جو وقت گذريل سال جي ڀيٽ ۾  ڪيترائي ڀيرا گهٽجي ويو آهي. ٻئي طرف اطلاعات کاتي جي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته افتخار چوڌري جي پارٽي نه قومي اسيمبلي ۾ آهي ۽ نه ئي ڪنهن صوبائي اسيمبلي ۾. افتخار چوڌري پاڪستان جي ڪنهن به طبقي جي نمائيندگي ناهي ڪندو، سندس منهن تي اهڙيون ڳالهيون سٺيون نٿيو لڳن، خابرو ادارن موجب پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرويز رشيد جو چوڻ هو ته افتخار چوڌري جي منهن تي اهڙيون ڳالهيون سٺيون نٿيون لڳن، پهرين هو پاڻ کي ان قابل ٺاهن.

APP31-15Sialkot-696x476

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *