پانامه ليڪس: وزير اعظم جو مخالف ڌر کي جواب

وزيراعظم نوازشريف پاناما ليڪس معاملي تي  قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کان مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ ٻين سياسي پارٽين  جي اڳواڻن جي مشوري  سان پارلياماني  ڪميٽي جوڙڻ  جي درخواست ڪندي چيو آهي ته  اسان ماضي ۾ سخت ۽ هڪ طرفي احتساب مان گذريا آهيون ۽ اڄ به ڪنهن به احتسابي عمل کي منهن ڏيڻ لاءِ تيارآهيون قومي اسيمبليل جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم  نوازشريف چيو ته پاناما ليڪس جي رپورٽ ۾ واضع چيو ويوآهي ته آف شور ڪمپنين سان تعلق جو مطلب هرگز اهو ناهي ته ڪو شخص  بدعنواني  ڪندڙ هجي، انهي ۾ منهنجي ٻن پٽن جو ذڪر به آيو آهي، جيڪي گذريل ڪيترن ئي سالن کان  پرڏيهه ۾  رهن ٿا ۽ لکين ٻين پاڪستانين  جيئان اتي جي قانون ۽ ضابطن  تحت ڪاروبار ڪري رهيا آهن، منهنجي دوستن جي اها راءِ هئي ته ڇو ته پاناماپيپرز ۾ منهنجو ڪٿي به ڪو ذڪر ناهي،  انهي لاءِ مونکي اڳڀرائي ڪرڻ ۽ پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪرڻ جي ضرورت نه هئي پر منهنجو رد عمل اهو هو ته انهي سان منهنجي ذات جو تعلق ناهي پر منهنجي خاندان  جو ذڪر آيوآهي، انهي ڪري اهو معاملو مونکي بااختيار ڪميشن حوالي ڪرڻ گهرجي ته جيئن سموري معاملي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري حقيقتون  اڳيان آڻجن، اپوزيشن  جي مطالبي تي هن پهرين ئي قوم  کي خطاب ۾ ڪميشن  جي قيام جو اعلان  ڪيو، انهي ڳالهه  جو پختو يقين رکان ٿو ته پنهنجي زندگي  ۾ انصاف  جي اعليٰ ترين  ايوانن  مان گذرندڙ جج صاحب به رٽائر ٿي ويا آهن، جيڪي امانت ۽ ديانت  سان اڻڌري  انصاف جي گهرج  پوري ڪري سگهن ٿا،

افسوس ٿيو آهي ته انهي تي رد عمل کانپوءِ اهڙو ماحول پيدا ڪيو ويو جو  شهرت رکندڙ  ججن لاءِ به ڪميشن  جي سربراهي  ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو،  اپوزيشن جي ڪاميٽي جي تجويز  اڳيان آئي ۽ انهي تي به حڪومت هاڪاري  رد عمل جو اظهار ڪيو پر اسان جي رابطن  کانپوءِ به ڪاميٽي  تي ڪا اڳڀرائي نه ٿي،پوءِ چيو ويوته ايف آءِ اي کان جاچ ڪرائڻ گهرجي، جنهن لاءِ اپوزيشن  کي پنهنجي اعتماد وارن آفيسرن کي نامزد ڪرڻ جو چيو ويو پر انهي کي به نظر انداز ڪيو ويو ، پوءِ واحد  مطالبو  رڳو اهو هو ته سپريم ڪورٽ  جي ججن  تي ٻڌل  ڪميشن کي قبول ڪيو ويندو، جنهن جي سربراهي چيف جسٽس پاڻ ڪري، مان 22 اپريل تي قوم کي خطاب دوران اهو مطالبو به تسليم  ڪرڻ جو اعلان ڪيو ،مونکي يقين هو ته پنهنجو واحد مطالبو تسليم  ٿيڻ بعد اپوزيشن  مطمئن  ٿي ويندي ۽ جاچ  جو انتظار ڪندي  پر ٽي او آرز  کي به تڪراري   بڻايو ويو، اسان جي جامع  ٽي او آرز  جي جڳهه تي 15 ٽي او آرز پيش ڪيا ويا، اپوزيشن  جا اهي ٽي او آرز  ڪنهن بدعنواني جي خاتمي  بدران هڪ  فرد جي چئو طرف  گهمن ٿا ۽  اهو شخص مان آهيان،

ٽي او آرز  ۾ چيو ويوآهي ته  جتي به وزيراعظم  جو لفظ اچي انهي جي معني ٰ  رڳو نوازشريف  ورتي وڃي، انهن ٽي او آرز  جو دلچسپ  پاسو اهو آهي ته جنهن شخص  جو پانامه ۾ ذڪر  به  نه هو، انهي لاءِ چيو ويو به ڪميشن جوڙي  جاچ شروع  ٿيڻ  کان پهرين فرد جرم لڳايو وڃي، ايوان کي يقين ڏياريان ٿو ته  حڪومت انهي معاملي  جي بنا دير فوري ۽ جامع  جاچ  چاهي ٿي،  اسان نٿا چاهيون ته  ملڪ ڪنهن ڇڪتاڻ هٿان يرغمال بڻجي ۽  اسان وري دينا جي اڳيان تماشو بڻجون، اهڙن معاملن  ۾ سير  ملڪ ۽ قوم  جي مفادن ۾ ناهي هوندي،  اسان انهي معاملي جي نيڪ نيتي  سان  ڇنڊ ڇاڻ چاهيون ٿا، کليل دل سان چئي رهيا آهيون ته  ڪنهن مسئلي  تي ڪنهن ڳالهه کي انا جو مسئلو نه ٿيڻ ڏيون، اسان ملڪ  جي انا جو پرچم بلندرکڻ چاهيون ٿا، پلئه صاف آهي، اسان کي ڪنهن آئين قانوني ڇوٽ جي  ضرورت نه ناهي، ماضي ۾ڪيترائي ڀيرا هڪطرفي احتساب مان گذريا آهيون ۽ اڄ به  احتساب جي عمل  کي منهن ڏئي رهياآهيون ۽ تيارآهيون، اهو به چاهيون ٿا ته بدعنواني ،اختيارن جي ناجائز استعمال  مان فائدو  کڻندڙن، ٽيڪس چوري ڪندڙن، ڪڪ بيڪس وٺندڙن، پيسا غيرقانوني طور تي ٻاهر موڪليندڙن ۽ قرض معاف ڪرائيندڙن جي اصل ڪهاڻي  به قوم جي اڳيان اچي وڃي، منهنجي دل ۾ پارليامينٽ  جي تمام گهڻي عزت آهي، اهو ايوان  قانون جي حڪمراني ۽ جمهوريت  جي علامت آهي،انهي ايوان جو نمائندو ٿيڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، منهنجي ايوان کي گذارش آهي ته  ايوان احتساب جي نظام تي غور ڪري ۽ اهڙو احتسابي نظام جوڙي، جيڪو پڳون نه لاهي، اهو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي ۽ انهي نظام تي سموري قوم کي اعتمام ۾ وٺڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *