آصف علي زردري بلاول کي پرچائڻ جي مشن تي لنڊن پهچي ويو، بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ شرڪت لاءِ راضي ڪندو

اسلام آباد (بيورو) آصف علي زرداري پنهنجي پٽ بلاول کي پرچائڻ لاءِ لنڊن پهتو پاڪستان واپس اچي 27 ڊسمبر بينظير ڀٽو جي ورزي ۾ شرڪت لاءِ راضي ڪندو خانگي ٽِي وي موجب اڳوڻي صدر زرداري جي ويجهن ذريعن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته آصف علي زرداري پنهنجي پٽ کي پاڪستان واپس آڻڻ لاءِ لنڊن ويل آهي ذريعن سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته 27 ڊسمبر تي به بلاول ڀٽو تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ بدران لنڊن ۾ رهڻ کي ترجيحي ڏي ٿو ۽ هي پارٽي لاءِ نهايت شرمساري جو سبب هوندو ۽ اهو ئي سبب آهي جو زرداري سمورا اختلاف پاسي تي رکندي پٽ کي پرچائڻ لاءِ وڃڻ جو فيصلو ڪيو ان کان اڳ 30 نومبر تي لاهور ۾ منعقد يوم تاسيس جي تقريب جي موقعي تي بلاول جي غير موجودگي تي نوجوان اڳواڻ جي پنهنجي والد جي اختلافن جون خبرون چوٽ تي چڙهي ويون هيون ٻئي پاسي فرحت الله بابر پيءُ ۽ پٽ وچ ۾ اختلافن جي خبرن کي من گهڙت ڪوٺيندي چيو ته بلاول ۽ زرداري وچ ۾ اختلافن جي حوالي سان سموريون رپورٽون بي بنياد آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *