پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان 1.05 ارب ڊالر ملي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان 1.05 ارب ڊالر ملي ويا آهن. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ڄاڻايو آهي ته پاڪستان کي آءِ ايم ايف جي 3 سالا توسيعي فنڊ سهولت تحت 1.05 ارب ڊالر مليا آهن. آءِ ايم ايف اها رقم پاڪستان جي معاشي ڪارڪردگي جي چوٿين ۽ پنجين جائزي کان پوءِ جاري ڪئي آهي. جيڪو پٺئين هفتي مڪمل ڪيو ويو. جائزو مڪمل ٿيڻ جي نتيجي ۾ 720 ملين ايس ڊي آر (1.05 ارب) ڊالر جاري ڪيا ويا جنهن سان ڄاڻايل انتظام تحت فراهم ڪيل مجموعي رقم 2.2 ارب ايس ڊي آر (3.2 ارب) ڊالر ٿي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *