آصف زرداري ۽ الطاف حسين ۾ رابطو، مفاهمت جاري رکڻ تي اتفاق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ الطاف حسين وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو، ماضي جي غلط فهمين کي نه ورجائڻ ۽ سنڌ ۾ مفاهمت جي فضا کي فروغ ڏيڻ لاءِ عزم ڪيو آهي الطاف حسين ۽ آصف زرداري وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ٻنهي رهنمائن سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم لنڊن پاران جاري اعلاميه جي مطابق الطاف حسين ۽ آصف زرداري وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ۾ ٻنهي رهنمائن سينيٽ جي چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ اميدوارن جي بنا مقابلي ڪاميابي تي مبارڪباد به ڏني ٻنهي رهنمائن سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ عوام جي فلاح ۽ بهبود جي لاءِ ملي جهلي ڪم  ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. آصف زرداري پيپلزپارٽي جي حق ۾ اسلام آباد کان سينيٽ جي چونڊن لاءِ ايم ڪيو ايم جي ٻن عورتون اميدوارن جي ڪاغذات نامزدگي واپس وٺڻ جو خيرمقدم به ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *