سنڌ ۽ ڪراچي کي الڳ چوڻ خلاف حڪومتي ۽ مخالف ڌر ميمبر اٽڪي پيا، منهن ماري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ لفظ اندرون سنڌ تي نصرت سحر عباسي ۽ نثار کهڙو وچ ۾ منهن ماري ٿي پئي، شرجيل ميمڻ ۽ مراد علي شاهه نصر سحر عباسي کان معافي گهرڻ جو اصرار ڪيو ايوان ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف گڏيل طور تي قرارداد منظور ڪري ورتي،  نجي ٽي وي جي رپورٽر تي حملي خلاف صحافين سنڌ اسيمبلي مان واڪ آئوٽ ڪيو سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ فنڪشنل ليگ جي نصرت سحر عباسي پنهنجي سوال ۾ اندرون سنڌ لفظ استعمال ڪيو جنهن تي ايوان ۾ رڙيون پئجي ويون نصرت سحر عباسي ۽ نثار کهڙو وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ به ٿي، تعليم واري وزير نثار کهڙو چيو ته اندرون سنڌ جي لفظ سان دل آزاري ٿي آهي  نصرت سحر عباسي معافي گهري شرجيل ميمڻ ۽ ناڻي واري وزير مراد علي شاهه به ان کان معافي گهرڻ تي اصرار ڪيو جڏهن ته ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا اسيمبلي جي ڪارروائي مان تڪراري لفظ ڪڍي ڇڏيا، ايم ڪيو ايم جي محمد حسين جاري ترقياتي منصوبن  لاءِ فندز جاري نه ٿيڻ خلاف تحريڪ التوا پيش ڪئي جنهن جي حڪومتي وزيرن مخالفت ڪئي، ڊپٽي اسپيڪر تحريڪ ضابطي خلاف قرار ڏئي ڇڏي ڊگهي لوڊشيڊنگ  خلاف ايوان ۾ گڏيل طور تي قرار منظور ڪيئ وئي  اسيمبلي اجلاس ۾ نصرت سحر عباسي نجي ٽي وي جي نمائندي جي ڪار تي فائرنگ جي مذمت ڪئي ان موقعي تي اسيمبلي جي ڪوريج ڪندڙ صحافين واڪ ٽائوٽ ڪيو سڌ سماءَ واري وزير شرجيل ميمڻ يقين ڏياريو ته آءِ جي سنڌ کان واقعي جي جاچ ڪرائي ويندي.سنڌ اسيمبليءَ صوبي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ بابت ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو جڏهن ته گهرو کاتي صوبي ۾ مدرسن جا انگ اکر به اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيا. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پ پ ايم پي اي سهراب سرڪي صوبي ۾ بجلي جي فراهمي بابت ٺهراءُ پيش ڪيو، ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته صوبي ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن جي ڪري زرعي توڙي صنعتي معيشيت تباهه ٿي رهي آهي. ٺهراءُ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته پاڻي ۽ بجلي واري وزارت سرڪاري طور تي بجلي جي 22 ڪلاڪ فراهمي جو اعلان ڪري. اجلاس ۾ گهروکاتي صوبي ۾ مدرسن جا انگ اکر پيش ڪيا، جن مطابق سنڌ ۾ ڪل 5 هزار 860 مدرسا آهن، رجسٽرڊ مدرسن جو انگ 1663 ۽ غير رجسٽرڊ مدرسن جو انگ 1177 آهي، ڪراچي ۾ ڪل 1252 مدرسا آهن، جن مان 665 رجسٽرڊ ۽ 587 اڻ رجسٽرڊ آهن. سنڌ اسيمبلي کي ٻڌايو ويو ته حيدرآباد ۾ 266 مدرسا آهن، جن مان 202 رجسٽرڊ ۽ 74 اڻ رجسٽرڊ آهن، ميرپورخاص ۾ 269 مدرسا آهن، جن مان 140 رجسٽرڊ آهن، لاڙڪاڻي ۾ 450 مدرسان مان 251 رجسٽرڊ ۽ 169 اڻ رجسٽرڊ آهن. سکر ۾ مدرسن جو انگ 613 ڄاڻايو ويو، جن مان 395 رجسٽرڊ ۽ 219 اڻ رجسٽرڊ آهن، ايوان کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ رجسٽرڊ مدرسن جو ڪل انگ 5 هزار 668 آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *