آصف زرداري پاران ڪرپشن جي ڳالهه ڪرڻ معجزو آهي، احسن اقبال جو رينجرز بابت ڊرامو اڄ سمجهه ۾ آيو: عمران خان

اسلام آباد/پشاور (ويب ڊيسڪ): پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته آصف زرداري اڄ ڪرپشن جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، جيڪا قيامت جي نشاني آهي، /ڏسو صفحو 2 بقايا نمبر 22

پشاور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته آصف زرداري چار ڏينهن کان پشاور جا چڪر لڳائي رهيو آهي ۽ زرداري ڪرپشن جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، جنهن کي مان قيامت جي نشاني سمجهان ٿو، زرداري چئي رهيو آهي ته پختونخواهه ۾ تمام گهڻي ڪرپشن آهي ته زرداري تون پاڪستان جي سڀ کان وڏي بيماري آهين، سندس چوڻ هيو ته زرداري تون تمام وڏو ڌاڙيل آهين ۽ مان سنڌ اچي رهيو آهيان، ماڻهو تيار ڪري رهيو آهيان، ته جيئن ڊڄ جا زنجير ٽٽي وڃن، هن چيو ته شاهد خاقان عباسي ٻڌي وٺ، اوهان وزيراعظم آهي يا شريف خاندان جا درٻاري، اڄ ملڪ ۾ غربت ان لاءِ آهي، جو اسان جي مٿان ڌاڙيل ويٺا آهن، پختونن جي ليڊر جو نالو وٺون ٿا ته ماڻهو شور مچائيندا آهن، ايزي لوڊ، بلوچستان ۾ پختونن جو ليڊر اچڪزئي بڻيل آهي، اچڪزئي ۽ فضل الرحمان پختونخواهه تي وڏو ظلم ڪيو، فاٽا جي پختونخواهه ۾ ضم ٿيڻ تي فضل الرحمان ۽ اچڪزئي مخالفت ڪئي، اسفند يار ولي، نواز شريف، فضل الرحمان، آصف زرداري اهي سڀ ڌاڙيل آهن، جيڪو گهر مان چوري ڪندو آهي، ان کي چور ئي چيو ويندو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اڄ مسلم ليگ ن ٻيون ڀيرو عدالت تي حملو ڪيو. نيب ريفرنسن جي ٻڌڻي جي موقعي تي احتساب عدالت ۾ وڪلين جي جهيڙي سبب جج محمد بشير اڄ ڪارروائي ڪرڻ کان سواءِ ئي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڏي جنهن جي ڪري نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو. عمران خان احتساب عدالت ۾ پيش آيل واقعي تي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيتر تي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪيو. عمران خان چيو ته نواز شريف پرڏيهه ۾ پيل رقم کي بچايو ويو آهي. هن چيو ته اڄ درٻاري احسن جو عدالت جي ٻاهران رينجرز بابت ڊرامو سمجهه ۾ آيو جيڪو نيب جج کي غير محفوظ ڪرڻ جي لاءِ هيو.  هن چيو ته ن ليگ رياستي ادارن کي تباهه ڪرڻ پٺيان پئي آهي، قوم ان جي خلاف تيار ٿئي ۽ پنهنجي رياستي ادارن جو دفاع ڪري. عمران خان وڌيڪ چيو ته ادارن جي تباهي جو مطلب رياست جي تباهي آهي ۽ اها شريفن جي ايجنڊا آهي جنهن کي قوم ختم ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *