آرمي چيف سان برطانوي چيف آف جنرل اسٽاف جي ملاقات، سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

راولپنڊي (اين اين آءِ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه سان برطانوي چيف آف جنرل اسٽاف سرنڪلسن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻه طرفي سيڪيورٽي ۽ بچاءَ ۾ سهڪار وڌائڻ وارن معاملن تي غور ڪيو ويو، آءِ ايس پي آر موجب برطانوي چيف آف جنرل اسٽاف سرنڪلسن پاڪستان جي سرڪاري ٻن ڏينهن جي دوري تي جي ايڇ ڪيو راولپنڊي پهتو ته پاڪ فوج جي ڦڙت جٿي کيس سلامي ڏني، جنرل نڪلسن جي ايڇ ڪيو ۾ شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي، جنرل قمر جاويد باجوه سان برطانوي چيف آف جنرل اسٽاف ملاقات ڪئي، برطانوي چيف آف جنرل اسٽاف دهشتگردي خلاف ڪاميابين ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ پاڪ فوج جي مسلسل ڪوششن جو اعتراف ڪندي چيو ته برطانيا ان ڏس ۾ پاڪستان جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *