آصف زرداري حساب ڪتاب بند ڪرڻ جو مطالبو ڪري اين آر او گهريو آهي: فردوس عاشق

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وي آءِ پي قيدين اسيمبلي ۾ اين آر او گهريو ۽ چيو ته حساب ڪتاب جو عمل بند ڪيو ويندو طاقتور جو قانون جي چنڀي ۾ اچڻ وزيراعطم عمران خان جي ويزن جي ڪاميابي آهي جڏهن قانون جو اطلاق سڀني لاءِ هڪ جهڙو هوندو تڏهن ئي نئون پاڪستان ٺهندو اپوزيشن پارليامينٽ ۾ منفي ڪردار ادا ڪري رهي آهي حڪومت جي اتحادي پارٽين بجيٽ ۽ ٻين ترجيحن تي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو آهي جمعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم پاڪستان سان اهم اتحادي مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻن ملاقات ڪئي وزيراعظم حڪومت جي پاليسي تي اعتماد جو اظهار ڪيو. هن چيو ته حڪومت جي اتحادي پارٽين بجيٽ ۽ ٻين ترجيحن تي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو مسلم ليگ (ق) وفاق ۽ پنجاب ۾ بجيٽ پاس ڪرائڻ ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته اپوزيشن پارليامينٽ ۾ مفي ڪردار ادا ڪري رهي آهي هن چيو ته ننڍين چونڊن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن جو نوٽيس نه وٺڻ حيرت جهڙي ڳالهه آهي هن چيو ته ادارن کي بااختيار رهڻ اسان جو عزم آهي. هن چيو ته قانون تي عمل ڪري ئي قائداعظم جو پاڪستان جو حصو ممڪن آهي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ڪردار جو ٻين سان ڀيٽ ڪرڻ غلط آهي. وزيراعظم جي خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪابينه جي ميمبر علي محمد مهر جي لاڏاڻي تي ان جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ تي وزيراعظم کي جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس ڪنهن حيرت کان گهٽ نه آهي سنڌ حڪومت جا وزير اليڪشن ڪميشن جي قانون ۽ قاعدن جي ڀڄڪڙي ڪري رهيا آهن اليڪشن ڪميشن اهڙي عمل تي خاموش ڇو آهي. نوٽيس ڇو نٿو ورتو وڃي جمعي تي هڪ بيان ۾ خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪابينه جي اڳوڻي ميمبر ۽ ايم اين اي علي محمد مهر جي لاڏاڻي تي ان جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ تي وزيراعظم پاڪستان کي جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس ڪنهن حيرت کان گهٽ نه آهي. هن چيو ته وزيراعظم ميڊيا سان ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ڪئي ۽ نه ئي روايتي سياستدانن وانگر ترقياتي منصوبن جا اعلان ڪيا. هن چيو ته ٻئي پاسي سنڌ حڪومت سرڪاري وسيلن جو بيدردي سان استعمال ڪندي چونڊ کان اڳ ڌانڌلين ۾ ملوث آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي وزيرن جي چونڊمهم لاءِ باقاعده ديوٽيون لڳايون ويون آهن ۽ ان کان سواءِ هزارن جي انگ ۾ چوڪريون سنڌ جي وڏي وزير طرفان پئڪيج ۽ ترقياتي منصوبن جا اعلان ڪيا ويا آهن. ٻئي پاسي پيپلزپارٽي جي اميدوار سنڌ پوليس جي پرٽوڪول ۾ پنهنجي چونڊ مهم هلائي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *