جعلي اڪائونٽس ڪيس: اڳوڻي صدر جي رمانڊ ۾ 11 ڏينهن جي واڌ، عمران خان ۽ مشرف جي حڪومت ۾ فرق رڳو وردي جو آهي : زرداري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي جسماني رمانڊ ۾ 11 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ختم ٿيڻ تي اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.  جعلي اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته نيب عدالت کي درخواست ڪئي ته جوابدار کان جاچ ڪرڻي آهي تنهن ڪري سندس جسماني رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪئي وڃي.  ٻڌڻي دوران آصف علي زرداري جي وڪيل لطيف کوسا نيب طرفان وڌيڪ رمانڊ جي درخواست تي اعتراض واريندي چيو ويو ته هي نيب وارا 14، 14 ڏينهن جو رمانڊ ڇو گهري رهيا آهن؟  ان موقعي تي آصف علي زرداري چيو ته هڪ ئي ڀيرو 90 ڏينهن جو رمانڊ ڏنو وڃي. احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي وڌيڪ 11 ڏينهن لاءِ نيب حوالي ڪندي کيس 2 جولاءِ تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته نواز ليگ ۽ پ پ گڏجي ڌڪ کاڌا آهن. عمران خان ۽ مشرف جي حڪومت ۾ فرق رڳو وردي جو آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف زرداري چيو ته عمران خان ۽ مشرف جي حڪومت ۾ فرق رڳو وردي جو آهي، مشرف کي وردي پهريل هئي ۽ عمران خان نه پهري آهي. نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي ڌڪ کاڌا آهن، هاڻ حالتون بهتر ٿي وينديون. نيب وارا پنهنجي صلاحيت پٽاندڙ مون کان سوال ڪندا آهن ۽ آئون به نيب عملدارن جي عزت ڪريان ٿو. جيڪڏهن اين آر او گهريو هجي ها ته نيب ۾ نه ويٺو هجان ها. هڪ سوال جي جواب ۾ آصف زرداري چيو ته بلاول ڀٽو جي پنهنجي سوچ آهي، هو جيئن چوندو، تيئن ٿيندو، سينيٽ چيئرمين جي تبديلي جي حوالي سان واضح قف بلاول ڀٽو ئي ڏيندو. نواز ليگ سان ته گڏ ويهي رهياسين پر عمران خان سان گڏ ويهڻ ڏُکيو آهي، عمران خان کيس نه جمهوريت جو قدر آهي ۽ نه ئي وري عوام جي پريشانين جو احساس آهي، هو سياسي قوتن مان ناهي آيو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ آصف زرداري جواب ڏنو ته سنڌ جي وڏي وزير جي امڪاني گرفتاري واريون ڳالهيون افواهه آهن. هن چيو ته حڪومت کي ميثاقِ معيشت جي تجويز ڏني پر اُن تي حڪومت موٽ ناهي ڏني، ميثاق جمهوريت جو مذاق اُڏائڻ وارا به تاريخ جو حصو هوندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *