آرمي چيف کي 6 مهينن لاءِ مشروط واڌ جي منظوري، سرڪار کي 6 مهينن ۾ قانون سازي جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ حڪومت کي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي ملازمت جي مدي ۾ 6 مهينا مشروط واڌ جي اجازت ڏئي ڇڏي. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته آرمي چيف جي موجوده مقرري 6 مهينن لاءِ هوندي، وفاقي حڪومت خاطري ڪرائي آهي ته 6 مهينن ۾ قانون سازي ڪئي ويندي، آرمي چيف جي مدي ۽ مراعتن بابت 6 مهينن ۾ قانون سازي ڪئي ويندي. عدالت مختصر فيصلي ۾ چيو ته صبر جو مظاهرو ڪندي هي معاملو پارليامينٽ تي ڇڏيون ٿا، پارليامينٽ آئين جي آرٽيڪل 243 تحت آرمي چيف جي مقرري بابت قانون سازي ڪري، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا نئين قانون سازي تائين پنهنجي عهدي تي فرض انجام ڏيندو، اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندڙ نوٽيفڪيشن 6 مهينن لاءِ هوندو. سپريم ڪورٽ آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ بابت درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي چيو ته حڪومت هڪ موقف کان ٻيو موقف اختيار ڪيو، حڪومت عدالت ۾ آرٽيڪل 243 ون بي تي ڀاڙي رهي آهي ۽ عدالت آرٽيڪل 243 بي جو جائزو ورتو، حڪومت آرمي چيف کي 28 نومبر کان واڌ ڏئي رهي آهي. چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس مظهر ميان خيل تي ٻڌل 3 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، جڏهن ته اٽارني جنرل انور منصور خان ۽ آرمي چيف جي وڪيل فروغ نسيم عدالت ۾ دليل ڏنا. اڄ ٿيندڙ ٻڌڻي ۾ اٽارني جنرل آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ بابت نئين سمري عدالت جي روبرو پيش ڪئي، جنهن جو عدالت مڪمل جائزو ورتو. ٻڌڻي جي شروعات تي عدالت اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) اشفاق پرويز ڪياني جي مدي ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن طلب ڪيو. چيف جسٽس اٽارني جنرل کي چيو ته جنرل (ر) راحيل شريف جي رٽائرمينٽ جا دستاويز به پيش ڪيو، جڏهن هو رٽائر ٿيو ته ان نوٽيفڪيشن جا ڪهڙا لفظ هئا، اهي به پيش ڪيو. عدالت چيو ته اسان ڏسڻ چاهيون ٿا ته جنرل (ر) اشفاق پرويز ڪياني کي رٽائرمينٽ کانپوءِ ڪيتري پينشن ملي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان کي ٻڌايو ويو ته جنرل ڪڏهن رٽائر ناهن ٿيندا، جيڪڏهن جنرل رٽائر ناهن ٿيندا ته پينشن به ناهي هوندي. ان کانپوءِ عدالت ٻڌڻي ۾ 15 منٽن جو وقفو ڪيو، جنهن کانپوءِ ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي. ان موقعي تي اٽارني جنرل موقف اختيار ڪيو ته آرٽيڪل 243 تحت آرمي چيف جي ٻيهر مقرري ڪئي وئي آهي، ان تي چيف جسٽس سوال ڪيو ته اڄ ٿيندڙ مقرري اڳ کان ڪيتري مختلف آهي؟ اٽارني جنرل جواب ڏنو ته نئين مقرري 243 (1) تحت ڪئي وئي آهي، ان تي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا ريمارڪس ڏنا ته توهان کي اسان کي مطمئن ڪرڻو پوندو، اڄ ٿيندڙ مقرري درست ڪيئن آهي؟ سمري ۾ ته عدالتي ڪارروائي جو به ذڪر ڪيو ويو آهي، توهان بار پاڻ کڻو، اسان جا ڪلها ڇو استعمال ڪري رهيا آهيو، پنهنجو ڪم پاڻ ڪيو، اسان کي وچ ۾ ڇو ٿا آڻيو، عدالت جو نالو استعمال ڪيو ويو ته جيئن اسان غلط به نه چئي سگهون. چيف جسٽس هدايت ڪئي ته سمري مان عدالت جو نالو ڪڍي ڇڏيو. چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جو چوڻ هو ته مقرري قانوني آهي يا نه ان جو جائزو وٺنداسين، اڄ کان مقرري 28 نومبر کان ڪئي وئي آهي، مقرري ۽ واڌ بابت آرمي ريگوليشنز جي ڪتاب کي لڪائي ڇو رکيو ويو، ان ڪتاب تي لکيل آهي ته ڪير اڻ لاڳاپيل شخص پڙهي نٿو سگهي، توهان ان ڪتاب کي سيني سان لڳائي رکيو هو، ڀارت ۽ ٻين ملڪن ۾ آرمي چيف جي مقرري ۽ واڌ واضح آهي، هاڻ عدالت ۾ معاملو پهريون ڀيرو اچي ويو آهي ته واضح ٿيڻ گهرجي. ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه چيو ته آرمي چيف جي مقرري قانون موجب ٿيڻ گهرجي، قانون ۾ مقرري جو مدو ڪٿي لکيل ناهي. اٽارني جنرل موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن مدو مقرر نه ڪيو ته ايندڙ حڪم تائين آرمي چيف مقرر ٿيندو، مدو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ جنرل رٽائر ٿي ويندو آهي. جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته ڪالهه توهان چئي رهيا هئا ته جنرل رٽائر ناهي ٿيندو، واضح ٿيڻ گهرجي ته جنرل کي پينشن ملندي آهي يا نه، پارليامينٽ کان بهتر ڪو فورم ناهي، جيڪو سسٽم ٺيڪ ڪري سگهي. ان موقعي تي بئنچ جي ميمبر جسٽس مظهر ميان خيل ريمارڪس ڏنا ته اهو به طئي ڪيو وڃي ته اڳتي واڌ ٿيندي يا نئين مقرري. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان آئين ۽ قانون کي ڇا ڏٺو اسان خلاف پروپئگنڊا شروع ٿي وئي، چيو ويو ته اهي ٽئي جج سي آءِ اي جا ايجنٽ آهي، الزام هنيو ويو ته اسان ڀارت جي چوڻ تي ڪم ڪري رهيا آهيون، چيو ويو ته اهو ففٿ جنريشن وار آهي، اسان کي پڇڻو پيو ته اهو ففٿ جنريشن وار هوندو ڇا آهي، چيو ويو ته سپريم ڪورٽ جي ججن کي ڀارتي چئنلن تي هلايو پيو وڃي، آئيني ادارن بابت ائين نه ٿيڻ گهرجي. جسٽس کوسي جي ريمارڪس تي اٽارني جنرل چيو ته اسان جي بحث جو فائدو ۾ وڏو فائدو کنيو ويو پر سوشل ميڊيا ڪنهن جي ڪنٽرول ۾ ناهي. چيف جسٽس آف پاڪستان انتهائي اهم ريمارڪس ڏنا ته آئيني ادارن بابت ائين نه ڪرڻ گهرجي، توهان 3 سالن لاءِ واڌ ڏئي رهيا آهيو، سڀاڻي ڪو قابل جنرل ايندو ته ڇا ان کي 30 سالن لاءِ واڌ ڏني ويندي؟ چيف جسٽس سعيد کوسا وڌيڪ چيو ته آرمي ايڪٽ ۾ ابهام آهي، توهان رولز ۾ ترميم ڪندا رهيا آهيو، پوءِ اسان ايڊوائزري ڪردار لکي ڇڏيو. عدالت طرفان نوٽيفڪيشن طلب ڪرڻ تي جنرل رٽائرڊ ڪياني جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ ۽ جنرل (ر) راحيل شريف جي رٽائرمينٽ جا دستاويز به پيش ڪيا ويا. نوٽيفڪيشن پڙهي چيف جسٽس چيو ته ان نوٽيفڪيشن ۾ به ناهي لکيل ته واڌ ڪنهن ڏني، ان تي اٽارني جنرل چيو ته نوٽيفڪيشن کان اڳ سمري تيار ڪئي ويندي آهي. چيف جسٽس اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته قانون ٺاهڻ ۾ ڪيترو وقت وٺندئو؟ ان تي اٽارني جنرل چيو ته اسان کي 3 مهينن جو وقت گهرجي. چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته عدالت واڌ ڪري ڇڏي ته اها قانوني مثال بڻجي ويندي، توهان چئي رهيا آهيو ته قانون سازي لاءِ 3 مهينا گهرجن ته اسان 3 مهينن لاءِ واڌ ڪري ڇڏيون ٿا. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جن جن ماڻهن ملڪ جي خدمت ڪئي، اهي اسان لاءِ محترم آهن پر آئين ۽ قانون سڀ کان مٿانهون آهي، حڪومت پهريون ڀيرو آئين تي واپس آئي آهي، جڏهن ڪو ڪم آئين موجب ٿي وڃي ته اسان جا هٿ ٻڌجي ويندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته عدالت جا ڪُلها استعمال نه ڪيو، اڳتي به سپريم ڪورٽ جو نالو استعمال ٿيندو، آرٽيڪل 243 ۾ 3 سال مقرري جو ذڪر ناهي. آرمي چيف جي وڪيل بئريسٽر فروغ نسيم پنهنجي دليلن ۾ چيو ته عدالت کي خاطري ڪرايان ٿو ته 243 ۾ بهتري آڻينداسين، حلفي بيان ڏيون ٿا ته آرٽيڪل 243 ۾ پگهار، الائونس ۽ ٻيون شيون شامل ڪنداسين، جڏهن ته ان جو حلفي بيان ڏيڻ لاءِ به تيار آهيان. ان تي چيف جسٽس آف پاڪستان ريمارڪس ڏنا ته توهان سمري مان 3 سالن جي مدي جا لفظ ختم ڪندئو. عدالت اٽارني جنرل ۽ فروغ نسيم کان 4 نڪتن تي ٻڌل حلفي بيان طلب ڪيو ۽ جنرل قمر جاويد باجوا کي ڪم جاري رکڻ جي مشروط اجازت ڏيڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي. چيف جسٽس چيو ته اٽارني جنرل ۽ فروغ نسيم 3 مهينن ۾ لاڳاپيل قانون سازي جو حلفي بيان ڏيندا، آرمي چيف جي نوٽيفڪيشن ۾ ان جي ملازمت جو مدو داخل نه ٿيندو، سمري مان 3 سالن جو مدو به ڪڍيو ويندو، پگهار ۽ مراعتن بابت شيون سمري مان ڪڍي ڇڏيو، اهو ته 6 مهينن ۾ قانون سازي ڪري ڇڏينداسين، اسان چاهيون ٿا ته اهو سمورو رڪارڊ حصو هجي ۽ قانون درست ٿيڻ گهرجي. پوءِ عدالت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو ۽ چيف جسٽس چيو ته ٻه ٻهري مهل ان حوالي سان شارٽ آرڊر جاري ڪنداسين. ڪجهه ڪلاڪن جي وقفي کانپوءِ جڏهن فيصلو ٻڌائڻ لاءِ ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته اٽارني جنرل، آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي نئين سمري سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪئي. عدالت پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ 6 مهينن جي مشروط واڌ ڏئي ڇڏي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *