فواد عالم مخالفن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي: سرفراز

 

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد ٽيسٽ ڪرڪيٽر فواد عالم جي ڪارڪردگي جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ماضي ۾ ٽيم ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا فواد جو نالو بحث هيٺ آيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته فواد مونکي ڪڏهن به ٽيم ۾شامل ڪرڻ لاءِ نه چيو، هن سدائين پنهنجي بهترين ڪارڪردگي سان مخالفن کي جواب ڏنو آهي. اڳوڻي ڪپتان فواد عالم کي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ 12 هزار رنز مڪمل ڪرڻ ۽ ميچ ۾ ڊبل سيچنري اسڪور ڪرڻ تي واڌايون ڏنيون، هن چيو ته فواد نوجوان ڪرڪيٽرن لاءِ مثال آهي، ڏکئي گهڙي ۾ هو بهترين اننگز کيڏي ۽ فواد عالم پاڪستاني ٽيم ۾ اچڻ وارو آهي، جيڪڏهن هن اها ئي ڪارڪردگي جاري رکي ته کيس قومي ٽيم ۾ اچڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي.هن چيو ته وڏا خواب ناهيان ڏسندو،رڳو پنهنجي ڪارڪردگي سڌارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، پاڪستاني ٽيم ۾ ضرور شامل ٿيندس. هن چيو ته اسٽيون اسمٿ سٺو رانديگر آهي هو ڪم بيڪ ڪري سگهي ٿو، ياسر شاهه نمبر ون بالر آهي ۽ ايڊيليڊ جي ڪنڊيشنز ياسر شاهه کي سپورٽ ڪندي، بالنگ وڌيڪ تجريبڪار ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *