آرمي چيف ٽن ڏينهن جي دوري تي برطانيا پهچي ويو

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف ٽن ڏينهن جي دوري تي برطانيه پهچي ويو آهي، آءِ ايس پي آر چيو آهي ته پاڪ فوج جو سربراهه دوري دوران سياسي ۽ عسڪري قيادت سان خطي جي سلامتي جي حوالي سان اهم معاملن تي ڳالهيون ڪندو. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب آرمي چيف جنرل راحيل شريف برطانيا جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اڄ لنڊن روانو  ٿي ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف دوري دوران برطانيا جي سياسي ۽ عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪندو. ذريعن موجب آرمي چيف برطانوي قيادت سان  ملاقاتن دوران دهشتگردي خلاف قدمن سميت خطي جي سلامتي وارن معاملن تي ڳالهيون ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *