هارين کان جبري پورهيو وٺڻ خلاف ڪيس: سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت کان رپورٽ طلب ڪري ورتي

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ سنڌ صوبي ۾ هارين کان جبري پورهيو ڪرائڻ خلاف ڪيس ۾ سنڌ حڪومت کان هڪ مهيني اندر رپورٽ طلب ڪندي چيو آهي ته عدالت کي ٻڌايو وڃي ته ڇا سنڌ ۾ هاڻي به جبري پورهيو ورتو وڃي ٿو ۽ ڇا صوبي ۾ ان حوالي سان موجود قانون لاڳو ٿي رهيا آهن يا نه. عدالت ان معاملي ۾ معاونت لاءِ اٽارني جنرل سلمان اسلم بٽ کي به ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو آهي. اربع تي جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ سنڌ قومي تنظيم جي سربراهه عبدالحفيظ قريشي طرفان ايڊووڪيٽ اڪرم شيخ پاران داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي درخواست گذار جي وڪيل پيش ٿي عدالت آڏو پنهنجي موقف جي حق ۾ دليل ڏنا پر عدالت شروعاتي دليل ٻڌڻ بعد سنڌ حڪومت کان رپورٽ طلب ڪندي معاونت لاءِ اٽارني جنرل کي طلب ڪري ورتو ۽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي هڪ مهيني تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *