آرمي چيف سان سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزيرن جي ملاقات، خطي جي سيڪيورٽِ جي صورتحال تي ڳالهيون

راولپنڊي (اين اين آءِ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا سان سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزيرن ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ٻطرفو لاڳاپن ۽ خطي جي سيڪيورٽي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي آءِ ايف پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب جي ايڇ ڪيو ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ٻطرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال تي به ڳوالهه ٻولهه ڪئي ويئي آءِ ايس پي آر موجب ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي ساراهه ڪئي ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي هڪ طرفي قدمن سان پيدا ٿيندڙ صورتحال جي حل لاءِ پنهنجي حمايت جو يقين ڏياريو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوا ٻنهي ملڪن سان خاص اسٽريٽجڪ لاڳاپن تي فخر جو اظهار ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *