ڀارت جا نيوڪليئر هٿيار فاشسٽ قيادت جي هٿن ۾ آهن، جنهن سان دنيا جي امن کي خطرو آهي: صدر پاڪستان

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت جا نيو ڪليئر هٿيار فاشسٽ قيادت جي هٿن ۾ آهن جنهن سان دنيا جي امن کي خطرو آهي، عالمي برادري کي ڪشميرين کي سندن آزادي وارو حق ڏيارڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو خميس تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان چيئرمين مجلس شوريٰ سلطنت امان شيخ خالد بن هلال الموالي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي صدر چيو ته ڀارتي فاشسٽ قيادت خطي جي امن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي پاڪستان والاريل ۽ ڄمون ڪشميري ۾ ڀارتي قدمن کي رد ڪري ڌڇڏيو آهي هن چيو ته هي قدم گڏيل قومن جي ٺهرائن جي خلاف آهن صدر چيو ته پاڪستان عمان سان ڀائراڻن لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو انهن لاڳاپن کي سمورن شعبن ۾ وڌيڪ وڌائڻ چاهي ٿو هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي مجلس شوريٰ جي وچ ۾ رابطن ۽ فرينڊ شپ گروپ جو قيام سٺي ڳالهه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *