آرمي چيف سان آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه جي ملاقات، پاڪ فوج جي دهشتگردي خلاف پرعزم جنگ جي تعريف

راولپنڊي (م.ڊ) آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه جنرل لائيڊ آسٽن پاڪ فوج جي دهشتگردي جي خلاف پرعزم جنگ کي ساراهيندي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي عزم پيشاوراڻي صلاحيت ۽ ڪاميابي تي خراج تحسين پيش ڪيو آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل عاصم باجوا مطابق فلوريڊا ۾ سينيٽ ڪام هيڊ ڪوارٽرز ۾بري فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف سان ڳالهائيندي سينيٽ ڪام جي ڪماندر دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي عزم پيشاوراڻي صلاحيت ۽ ڪاميابي کي خراج تحسين پيش ڪيو هن چيو ته آمريڪي جنرل پاڪستان جي جاري آپريشن ضرب عضب تي اطمينان جو اظهار به ڪيو. جنرل راحيل شريف علائقائي سلامتي پاڪستان ۽ افغانستان جي فوجي لاڳاپن ۾ بهتري بابت پاڪستان جو موقف پيش ڪيو ڪنٽرول لائين تي ڀارتي جارحيت جو معاملو به بحث هيٺ آيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *