تحريڪ انصاف مڇرائڻ جوڳيون تقريرون ڪرڻ لاءِ شيخ رشيد کي کليل ڇوٽ ڏئي رکي آهي، پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سُڌ سماءَ جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته تحريڪ انصاف مڇرائڻ جوڳيون تقريرون ڪرڻ لاءِ شيخ رشيد کي کليل ڇوٽ ڏئي رکي آهي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن تحريڪ انصاف کي چيو ته اها پاڻ پنهنجي مفاد ۾ ائين ڪرڻ کان پاسو ڪري. وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ گهرجي ڇوته سندس پارٽي انصاف جي نالي تي قائم ٿي هئي. هن چيو ته حڪومت جو ان معاملي سان ڪو سروڪار ناهي ۽ هاڻ عدالت پاڻ رستو ڳوليندي . پرويز رشيد چيو ته پي ٽي وي تي حملي جي فوٽيج سڀني ڏٺي آهي پرپوءِ جيڪڏهن تحريڪ انصاف سمجهي ٿي ته ڪيس جعلي آهي ته پوءِ ان کي عدالت وڃڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *