آرمي ايڪٽ تحت جاسوس کي اهڙي ئي سزا ملندي جيڪا ڪلڀوشن کي ڏني پئي وڃي: خورشيد شاهه

اسلام آباد  (اين اين آءِ) قومي سيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته وزيراعظم ڪل ڀوشن ياديو جي معاملي تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ نه ورتو، حڪومت دنيا کي ٻڌائي ته پاڪستان قانوني ۽ آئيني ڪم ڪهڙو آهي، زرداري يا پ پ جي ساٿين جي کنڀڻ تي اسان جو احتجاج اصول تي آهي، اسان کي گرفتار ڪرڻ تي نه پر کنڀي غم ڪرڻ تي ڳڻتي آهي، معاملو پارليامينٽ ۾ اٿارينداسين، آڊيٽر جنرل پاڪستان آئيني پوزيشن آهي ان کي خالي ٿيڻ نه گهرجي، اڱاري تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته شيڊول موجب پي اي سي اجلاس گهرايون ٿا، اڄ به اجلاس هو، جڏهن ته آڊيٽر جنرل پاڪستان جي اڃاتائين مقرري نه ٿي آهي، ان کانسواءِ اجلاس ٿئي ها ته ان جي قانوني حيثيت کي چيلينج ڪري سگهجي پيو، هن چيو ته تازوئي فوجي عدالتن جي آئيني ترميم منظور ٿي ان ۾ اهو لکيو ويو ته گرفتاري جي 24 ڪلاڪن ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، جڏهن ته اسان کي گرفتار ٿيڻ تي نه پر کنڀي غم ڪرڻ تي ڳڻتي آهي، ان ڪري قومي اسيمبلي ۾ سخت احتجاج ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *