سوشل ميڊيا تي بيهوده ۽ ناقابل بيان مواد جي تشهير جاري آهي: چوڌري نثار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته پاڪستان ۾ اهڙي مواد ۽ مقدس هستين جي بي حرمتي تي سخت ڳڻتي آهي، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل سان انٽرنيٽ تي گستاخاڻي مواد جو معاملو اٿاريو، چوڌري نثار چيو ته سوشل ميڊيا تي بيهوده ۽ ناقابل بيان مواد جي تشهير جاري آهي، اهڙي مواد جي تشهير ڪنهن به مسلمان لاءِ ناقابل برداشت آهي، هن چيو ته هي صرف پاڪستان جو مسئلو ناهي پر دنيا جي 1.6 ارب مسلمانن جو مسئلو آهي، پاڪستان اهو مسئلو انٽرنيٽ جي بين الاقوامي ڪمپنين آڏو اٿاريو آهي، معاملي جو موثر ۽ ديرپا حل اسلامي دنيا جي گڏيل ڪاوشن سان ممڪن آهي، وفاقي گهرو وزير چيو ته او آءِ سي جي سطح تي ان سلسلي ۾ گڏيل حڪمت عملي جوڙي وڃي، هن چيو ته توهين آميز مواد روڪڻ سان لاڳاپيل موثر حڪمت عملي ترتيب ڏني وڃي، هن چيو ته او آءِ سي گستاخاڻي مواد جي روڪ لاءِ مسلم امت جو آواز بڻجي، چوڌري نثار چيو ته او آءِ سي اسلام فوبيا جي حوصلا شڪني لاءِ مسلم امت جو آواز بڻجي، گهرو وزير چيو ته گستاخاڻو مواد روڪڻ لاءِ او آءِ سي جا ميمبر ملڪ ٽيڪنيڪي وسيلا استعمال ۾ آڻين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *